Friday , April 25 2025

هن سال شاعرن جي سرتاج جو ميلو نه لڳايو ويندو

ڪراچي(چيف رپورٽر    سنڌسماءَچار) ڪرونا جي وبا سبب هن سال شاعرن جي سرتاج شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو ميلو نه ملهايو ويندو، عرس جي سادي تقريب ٿيندي. سنڌ سرڪار پاران هن ڀيري عظيم شاعر ۽ صوفي برزگ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو ميلو نه لڳائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. ثقافت کاتي جي سيڪريٽري اڪبر لغاري چيو آهي ته، هن ڀيري رڳو عرس جو ڏهاڙو ملهائي ايوارڊ ورهايا ويندا، سيڪريٽري ثقافت غلام اڪبر لغاري تصديق ڪئي ته ڪورونا وائرس جَي ڪري ميلو نه لڳايو ويندو، عرس ملهايو ويندو ۽ ايوارڊ تقريب منعقد ڪئي ويندي.

http://www.sindhsamaachar.com/ur/%d8%b5%d9%81%d9%88%d8%b1%d8%a7%d9%86-%da%86%d9%88%d8%b1%d9%86%da%af%d9%8a-%d9%88%d9%bd-%da%8f%d9%88%d9%87%d8%a7%d8%b1%d9%8a%d9%86-%d8%ac%d9%88-%d9%86%d9%8a%d9%86%da%af%d8%b1-%d8%aa%d9%8a-%d8%b3%d8%b1/

About Asghar Azad

Check Also

پنجاب جا رستا مڪمل بند رهندا، ڪمون شهيد ۽ ڊيرا موڙ تي به ڌرڻن جو اعلان

وڪيلن ڪئنالن خلاف تحريڪ جو دائرو وڌائي ڇڏيو، پنجاب جي روڊ رستي رسد بند ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *