Sunday , June 15 2025
Breaking News

اين ايف سي جا ٽي او آرز، سنڌ حڪومت اعتراض واري ڇڏيا

ڪراچي ( رپورٽ: آفاق ڀٽي  سنڌسماءَچار) صدر عارف علوي پاران اين ايف سي جي جوڙجڪ بابت ٻيھر جاري ڪيل نوٽيفڪيشن تي به اعتراض واري ڇڏيا آهن، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته، وفاق ۽ صوبن جي خرچن بابت آئين ۾ طريقيڪار واضح ٿيل آھي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، وزيراعظم عمران خان کي خط لکي پهريون نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ تي ٿورا مڃيندي چيو آهي ته، اين ايف سي جي جوڙجڪ بابت جاري ڪيل نوٽيفڪيشن جي ٽي او آرز تي اسان کي سخت اعتراض آھن، ڇو ته آھي ٽي او آرز آئين جي خلاف آھن.

خط۾ وڏي وزير چيو آھي ته، وفاق ۽ صوبن جي خرچن بابت آئين جي آرٽيڪل 78 کان 83 تائين طريقيڪار واضح ٿيل آھي، پر صدر عارف علوي پاران جاري ڪيل نئين نوٽيفڪيشن ۾ وفاق ۽ صوبن جي خرچن بابت جيڪي شرط رکيا ويا آهن اھي آئين سان سڌا سنوان ٽڪراءَ ۾ آهن انڪري آھي واپس ورتا وڃن.

About Asghar Azad

Check Also

ڀارت پئسا ڏئي ڪالاباغ ڊيم کي تڪراري بڻايو: چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني

اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني حڪومت کي هڪ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *