ملير (رپورٽر سنڌسماءَچار ) لانڍي جي صنعتي علائقي ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون۾ لاٺي جي فيڪٽري کي لڳل باھ ٻن فيڪٽرين کي به وڪوڙي وئي، ٽنھي فيڪٽرين ۾ رکيل ڪروڙين رپين جو سامان ۽ اربين رپين جي مشينري تباھ ٿي وئي آهي. فائر برگيڊ جون ڏھٽڏھ کان وڌيڪ گاڏيون فيڪٽرين کي لڳل باھ وسائڻ ۾ مصروف آھن، آخري اطلائن تائين باھ تي ضابطو نه اچي سگھيو آھي.فائربرگيڊ جي عملي جو چوڻ آھي ته فيڪٽرين ۾ موجود پرڏيهي ورڪرز سميت سمورن مقامي پورھيت کي حفاظت سان ٻاھر ڪڍيو ويو آهي، ھيل تائين ڪو به جاني نقصانن ناھي ٿيو.
Check Also
پنجاب جا رستا مڪمل بند رهندا، ڪمون شهيد ۽ ڊيرا موڙ تي به ڌرڻن جو اعلان
وڪيلن ڪئنالن خلاف تحريڪ جو دائرو وڌائي ڇڏيو، پنجاب جي روڊ رستي رسد بند ڪرڻ …