Sunday , June 15 2025
Breaking News

“ رئيسو، وڏيرئو ! اوڌر تي ورتل ڪپڙي جا پئسا ڏيو يا لکان نالا بئنر تي ”: پڪاچانگ جو دڪاندار

فيض گنج ( ضياءَ آرائين رپورٽر سنڌسماءَچار) پڪاچانگ شهر جي ڪپڙي جي دڪاندار، شهر سميت ڀرپاسي واسين پاران اوڌر تي خريد ڪيل ڪپڙي جي رقم ادا نه ڪرڻ کانپوءِ بيزار ٿيندي، اعلان ڪيو آهي ته، “ علائقي ۾ ماڻهن جا فيصلا ڪندڙ رئيس، سرندي وارا پئسا ڏئي وڃون ٻي صورت ۾ هو مجبو ٿي نالا بئنر تي لکي شهر ۾ لڳائيندو”. پڪاچانگ جي  ڪپڙي جي واپاري قيصر چانگ اوڌر تي ڪپڙو خريد ڪري ويندڙ ماڻهن کي چتاءُ ڏنو آهي ته جيڪڏهن انهن رقم ادا نه ڪئي ته هُو سندن نالا بئنر تي لکي شهر ۾ لڳائيندو ۽ ان سان گڏ سوشل ميڊيا تي به نالن سان گڏ رقم به لکندو.

دڪاندار قيصر چانگ پنهنجي دڪان تي هڪ بينر به لڳائي ڇڏيو آهي، جنهن تي لکيو آهي ته، “غريب، يتيم، لاوارث، قرضي ڳولي ڏيو، منافق حق کائڻ وارا ٺڳ ڳولي ڏيو، پئسا نه ڏيڻ جي صورت ۾ رئيسن وڏيرن جا نالا لکيا ويندا”. دڪاندار قيصر چانگ سنڌسماءَچار سان ڳالهائيندي چيو ته، اوڌر تي ڪپڙو خريد ڪري، رئيس، وڏيرا، هوندي سوندي وارا دڪان تي واپس ناهن آيا. هن ٻڌايو ته، سندس قرضي وڏيرا ۽ رئيس سوشل ميڊيا تي غريبن کي چند رپيا خيرات ڏئي تصويرون رکي واهه واهه ڪرائن ٿا پر مونکي قرض ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن. هن چيو ته جيڪڏھن وڏيرن ڀوتارن مونکي پنهنجا پئسا نه ڏنا ته سندن اصل چهرو سوشل ميڊيا تي وائکو ڪري نالا لکندس.

اچو ٻڌئون ته دڪاندار ڇا چئي رهيو آهي؟

About Asghar Azad

Check Also

ڀارت پئسا ڏئي ڪالاباغ ڊيم کي تڪراري بڻايو: چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني

اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني حڪومت کي هڪ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *