Sunday , June 15 2025
Breaking News

فردوس عاشق اعواڻ جو پتو ڪٽجي ويو، عاصم سليم باجوا سڌسماءَ جو اعزازي خاص معاون مقرر

سي پيڪ جو موجوده چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوا وزيراعظم جو سڌسماءَ بابت اعزازي معاون مقرر

اسلام آباد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) وزيراعظم سُڌ سماءَ جي خاص معاون کي ڪابينا مان نيڪالي ڏئي سندس پتو ڪاٽي ڇڏيو، شبلي فراز وفاقي وزير ۽ ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوا وزيراعظم جو خاص معاون مقرر، شبلي فراز اڄ سڌ سماءَ جي وفاقي وزير طور حلف کڻندو. وزيراعظم عمران خان سڌسماءَ بابت پنهنجي خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ کي هٽائي ڇڏيو آهي، سندس جاءِ تي سي پيڪ اٿارٽي جي موجوده چيئرمين ۽ آءِ ايس پي آءِ جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل، ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ عاصم سليم باجوا کي سڌسماءَ بابت خاص معاون مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن بعد ان جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. وزيراعظم عمران خان جي منظوري بعد سينيٽر شبلي فراز کي سُڌ سماءَ جو وفاقي وزير مقرر ڪيو ويو جنهن جو به الڳ سان نوٽيفيشن جاري ڪيو ويو آهي.اسٽبلشمينٽ ڊويزن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشڻ موجب عاصم سليم باجوا وزيراعظم جو سڌ سماءَ بابت اعزازي خاص معاون مقرر ڪيو ويو آهي

About Asghar Azad

Check Also

ڪئنال منصوبو مڪمل رد نه ٿيو، ”گڏيل اتفاق راءِ“ جي ٻه واٽي تي ٽَنگِيَل رهندو

ڪئنال منصوبو مڪمل رد نه ٿيو، ”گڏيل اتفاق راءِ“ جي ٻه واٽي تي ٽَنگِيَل رهندو، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *