Friday , April 25 2025

ڪرونا ۾ مبتلا وڏي وزير جو ڀيڻيويو زندگي جي جنگ هارائي ويو

سيد مهدي شاهه 10 مارچ تي عراق مان واپس وطن پهتو هو، 2 هفتا اڳ کيس ڪرونا جي تصديق ٿي هئي

ڪراچي (رپورٽر سنڌسماءَچار) ٻه هفتا اڳ ڪرونا وائرس ۾ مبتلا ٿيل ڊي سي ميرپورخاص سيد مهدي شاهه زندگي جي جنگ هارائي ويو، سندس مڙهه اڄ جمعي ڏينهن مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويندو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو ڀيڻيوو مهدي شاهه ڪورونا وائرس وگهي لاڏاڻو ڪري ويو. خانداني ذريعن تصديق ڪندي چيو آهي ته ميرپورخاص جو اڳوڻو ڊپٽي ڪمشنر سيد مهدي ڪورونا جي بيماري ۾ مبتلا هو ۽ ٽن ڏينهن کان نجي اسپتال ۾ وينٽيلٽر تي هو، ياد رهي ته سيد مهدي شاهه 10 مارچ تي ايران مان زيارت ڪري واپس سنڌ آيو هو ۽ ڪورونا وائرس جي شڪ ڪري وڏي وزير سميت سموري خاندان کي ٽيسٽ ڪرائي پئي هئي. سيد مهدي شاهه سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ڊي سي ۽ سائيٽ جو ايم ڊي به رهي چڪو هو.

About Asghar Azad

Check Also

پنجاب جا رستا مڪمل بند رهندا، ڪمون شهيد ۽ ڊيرا موڙ تي به ڌرڻن جو اعلان

وڪيلن ڪئنالن خلاف تحريڪ جو دائرو وڌائي ڇڏيو، پنجاب جي روڊ رستي رسد بند ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *