Sunday , June 15 2025
Breaking News

پاڪستان ۾ يوٽرنز وٺڻ روايت بڻجي رهيو آهي؟

پاڪستان ۾ رڳو يوٽرنز جي پاليسي، ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل يوٽرن وٺي ڇڏي ڇڏيو

اسلام آباد (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار ) مختلف معاملن وزيراعظم عمران خان پاران يوٽرنز وٺڻ بعد يوٽرن وٺڻ جهڙوڪ ملڪ ۾ پاليسي بڻجندو پيو وڃي، ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پاڪستان جي چيئرمين سهيل مظفر پاڪتان ۾ ڪرپشن بابت رپورٽ تي وضاحت پيش ڪندي چيو آهي ته سندن رپورٽ ۾ ڪٿي به نه لکيل آهي ته 2019ع ۾ پاڪستان اندر ڪرپشن وڌي آهي. ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پاڪستان جي چيئرمين سهيل مظفر طرفان ڪرپشن وڌڻ بابت رپورٽ تي وضاحتي بيان جاري ڪيو ويو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ پڌري ٿي، جنهن موجب پاڪستان اندر ڪرپشن ۾ اضافو ٿيو آهي. اپوزيشن پارٽيز ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي پاڪستان ۾ ڪرپشن بابت رپورٽ کي پي ٽي آءِ سرڪار جي منهن تي چماٽ قرار ڏنو هو. وضاحت بيان ۾ چيئرمين سهيل مظفر چيو آهي ته رپورٽ ۾ ڪٿي به نه لکيل آهي ته 2019ع ۾ پاڪستان اندر ڪرپشن ۾ اضافو ٿيو، پاڪستان جو اسڪول هڪ درجو گهٽجڻ سان ڪرپشن ۾ اضافي يا گهٽتائيءَ جي نشاندهي نٿي ٿئي. سياستدانن ۽ ميڊيا رپورٽ کي غلط نموني رپورٽ ڪيو آهي ۽ غلط انگ اکر پيش ڪري پاڪستان جي ساک کي ڇيهو رسائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. وضاحت بيان ۾ ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پاڪستان جي چيئرمين چيو ته ڪرپشن خلاف حڪومتي قدم ۽ نيب جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي، انڊيڪس ۾ شامل ڊيٽا ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي نه هوندي آهي، رپورٽ ۾ 13 مختلف ذريعن جا انگ اکر ڏنل هوندا آهن.

 

About Asghar Azad

Check Also

ڪئنال منصوبو مڪمل رد نه ٿيو، ”گڏيل اتفاق راءِ“ جي ٻه واٽي تي ٽَنگِيَل رهندو

ڪئنال منصوبو مڪمل رد نه ٿيو، ”گڏيل اتفاق راءِ“ جي ٻه واٽي تي ٽَنگِيَل رهندو، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *