Friday , April 25 2025

ڪوٽڙي ۾ تيز رفتار ٽرڪ سڄو گهر اجاڙي ڇڏيو،4ڄڻا چيڀاٽجي فوت

ڪوٽڙي ۾ ٽرڪ جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار ماءُ ٻن ڌيئرن ۽ پٽ سوڌو چيڀاٽجي فوت

حيدر آباد (رپورٽرسنڌسماءَچار) ڪوٽڙي جي گَتا ملز ويجهو تيزرفتار ٽرڪ جي ٽڪر ۾ چار گهر ڀاتي چيڀاٽجي فوت ٿي ويا، ٽرڪ جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار ٻن عورتن سميت 4 ڄنا ٿڏي تي فوت ٿي ويا. ڪوٽڙي جي گتا ملز چاڙهي وٽ ٽرڪ موٽرسائيڪل کي ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل تي سوار ماءُ ٻن ڌيئرن ۽ پٽ سوڌو فوت ٿي وئي. حادثي جي نتيجي ۾ فوت ٿيلن ۾ 24 ورهين جو نوجوان عمران احمد، سندس 45 سالن جي امڙ رضيا خاتون، 23 سالن جي ڀيڻ صائمه، چئن سالن جي ريحانا شامل آهن. حادثي جو شڪار ڪٽنب موٽر سائيڪل تي خورشيد ڪالوني ڪوٽڙي کان ڄامشورو وڃي رهيو هو ته حادثي جو شڪار ٿي ويو. فوتين جا لاش ڪوٽڙي اسپتال پهچايا ويا.

About Asghar Azad

Check Also

پنجاب جا رستا مڪمل بند رهندا، ڪمون شهيد ۽ ڊيرا موڙ تي به ڌرڻن جو اعلان

وڪيلن ڪئنالن خلاف تحريڪ جو دائرو وڌائي ڇڏيو، پنجاب جي روڊ رستي رسد بند ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *