Monday , June 16 2025
Breaking News

ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي سمنڊ سان ڪهڙو حشر ڪيو آهي؟: سپريم ڪورٽ

ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي سمنڊ سان ڪهڙو حشر ڪيو آهي؟: سپريم ڪورٽ

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) ”ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي  / ڊي ايڇ اي وارن جو وس پڄي ته اهي سمنڊ تي قبضو ڪري ان مٿان به شهر اڏي ڇڏين، سمنڊ ۾ قبضا ڪري آمريڪا تائين پنهنجو ڊي ايڇ اي جو جهنڊو لڳائي ڇڏين، هي سوچين پيا ته ڀارتي سمنڊ ۾ ڪيئن داخل ٿجي“، اهو چوڻ آهي سپريم ڪورٽ جي جسٽس گلزار احمد جو، جسٽس گلزار ڪراچي ۾ قبضن باببت هڪ ڪيس جي ڌڻي ڪري رهيو. ٻڌڻي دوران جسٽس گلزار احمد چيو ته، شهر جي شهري منصوبابندي لاءِ پرڏيهه مان ماهر گهرائجن ڇا، چيف سيڪريٽري ۽ ايڊووڪيٽ جنرل پاڻ صلاح ڪري ٻڌايو،لنڊن جو ميئر صادق نسلن پاڪستاني آهي. جسٽس گلزار ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاهه کي مخاطب ٿيندي چيو ته، افسوس آهي ته اوهان جهڙو آفيسر به ڪجهه ن ه ٿو ڪري سگهي. آفيسر شاهي ته رڳو پنهنجا مفاد محفوظ ڪري پاڻ لاءِ ئي سوچيندي آهي، عوام ۽ ان جي اهنجن سان سندن ڇا وڃي. جسٽس گلزار چيو ته ملير ندي ۾ به قضا ڪري عمارتون ٺاهيون ويون آهن. انهن کي به ڊاهڻو پوندو.

سنڌ حڪومت اسان کي لوليون نه ٻڌائي: جسٽس گلزار احمد

About Asghar Azad

Check Also

ڀارت پئسا ڏئي ڪالاباغ ڊيم کي تڪراري بڻايو: چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني

اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني حڪومت کي هڪ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *