Saturday , April 27 2024

لسٻيلو ڀرسان لونءَ ڪانڊاريندڙ سانحو، 25 ماڻهو سڙي اجل جو شڪار بڻجي ويا

لسٻيلي ڀرسان ڪوچ ۽ ٽرڪ کي باهه، 25 ڄڻا سڙي اجل جو شڪار بڻجي ويا

حب (خاص نمائندو    سنڌسماءَچار) حب ڀرسان مسافر ڪوچ ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر، ڪوچ کي لڳڻ جي نتيجي ۾ 25 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا، 8 ڄڻن کان وڌيڪ سڙي زخمي ٿي پيا آهن جن کي اسپتال داخل ڪيو ويو آهي. ڪراچي کان پنجگور ويندڙ مسافر بس جو لسٻيلي ڀرسان پنجگو ويندڙ بس ۽ ئل ٽينڪر وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ کانپوءِ مسافر بس کي باهه لڳي وئيباهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 25 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا. ايس ايس پي لسٻيلو ميڊيا کي ٻڌايو ته، مسافر بس مان 23 لاش ۽ ٽرڪ مان ٻن ڄڻن جا لاش ڪڍيا آهن. حادثو ٻنهي گاڏين ۾ تيز رفتاري سبب پيش آيو، اطلاع ملڻ تي فائربرگيڊ پهڍي باهه وسائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ماڻهن کي بچائي نه سگهيا. ايس ايس پي واقعي واري هنڌ ميڊيا کي ٻڌايو ته، بس ۾ 31 کان وڌيڪ ماڻهو سوار هئا. حادثي بعد ڪجهه ماڻهن بس جا شيشا ڀڃي گاڏي مان هيٺ ٽپا ڏئي جان بچائڻ جي ڪوشش ڪئي. هن ٻڌايو ته، 8 کان وڌيڪ سڙي زخمي ٿيل ماڻهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي،جتي سندس علاج هلندڙ آهي. فوتين ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *