ڪراچي ( رپورٽر سنڌسماءَچار) اڳوڻي وفاقي سيڪريٽري ممتاز علي شاهه کي سنڌ جو چيف سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي، ڪيبينيٽ ڊويزن نئين چيف سيڪريٽري جي مقرري جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي. وفاقي حڪومت سنڌ جي نئين چيف سيڪريٽري لاءِ سنڌ سرڪار کي اماڻيل 3 نالن مان ممتاز شاهه جي نلاي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. سنڌ جي رضامندي کانپوءِ وفاقي حڪومت جي ڪيبينيٽ ڊويزن ممتاز شاهه جي چيف سيڪريٽري سنڌ طور مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. ممتاز علي شاهه سومر ڏينهن سنڌ جي چيف سيڪريٽري طور ذميواريون سنڀاليندو.ممتاز علي شاهه ان کان اڳ سنڌ ۾ سنڌ سماءَ، ثقافت ۽ سياحت سميت مختلف کاتن جو سيڪريٽري رهي چڪو آهي.
Check Also
ڀارت پئسا ڏئي ڪالاباغ ڊيم کي تڪراري بڻايو: چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني
اسلام آباد(خاص نمائندو سنڌسماءَچار) واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني حڪومت کي هڪ …