Friday , April 25 2025

فردوس شميم نقوي سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ نامزد

ڪراچي ( رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ اسيمبلي ۾ گڏيل مخالف ڌر تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فردوس شميم نقوي کي مخالف ڌر جو اڳواڻ نامزد ڪري ڇڏيو، مخالف ڌر جي نامزدگي واري معاملي تي ايم ڪيو ايم ۾ اختلاف کلي ڪري سامهون اچي ويا، خواجا اظهارالحسن جو چوڻ آهي ته پارٽي جو اجلاس ئي نه ٿيو آهي ته مخالف ڌر جو اڳواڻ ڪيئن نامزد ڪيو ويو. گڏيل مخالف ڌر جي 60 ميمبرن  جي صحيحن سان فردوس شميم نقوي جي نامزدگي بابت خط سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر وٽ جمع ڪرايو ويو آهي. خط جي متن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مخالف ڌر جا سمورا ميمبر پي ٽي آءِ اڳواڻ کي مخالف ڌر جي اڳواڻ طور نامزد ڪن ٿا. نامزد مخالف ڌر جي اڳواڻ فردوس شميم نقوي  ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مان ۽ منهنجي ٽيم سنڌ اسيمبلي ۾ مثبت ڪردار ادا ڪندي. هن چيو ته ڪرپشن جي خاتمي،سٺي حڪمراني  جي قيام ۽ عوام جي خدمت کي يقيني بنائڻ لاءِ مخالف ڌر پنهنجو ڪردار ادا ڪندي. سنڌ اسيمبلي ۾ اڳوڻي مخالف ڌر جي اڳواڻ خواجا اظهار الحسن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته فردوس شميم نقوي کي  مخالف ڌر جو اڳواڻ نامزد ڪرڻ لاءِ منهنجي صحيح شامل ناهي. هن ڪنور نويد جميل تي اعتراض واريندي چيو ته هن ٻين ميمبرن کان صحيحون ورتيون، پر کيس نظر انداز ڪيو ويو.

سنڌسماءَچار جي نيوز سچي ثابت ٿي، جيڪا 3 هفتا اڳ هلائي هئي، تفصيل پڙهڻ لاءِ لنڪ تي ڪلڪ ڪيو

سنڌ اسيمبلي ۾ حليم عادل شيخ جي نامزدگي پ پ جي لابنگ سان ٿي

About Asghar Azad

Check Also

پنجاب جا رستا مڪمل بند رهندا، ڪمون شهيد ۽ ڊيرا موڙ تي به ڌرڻن جو اعلان

وڪيلن ڪئنالن خلاف تحريڪ جو دائرو وڌائي ڇڏيو، پنجاب جي روڊ رستي رسد بند ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *