ڪراچي( رپورٽر سنڌسماءَچار) سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ڪراچي جي سرڪاري پارڪن مان غير قانوني قبضا ۽ حد دخليون ھٽائڻ واري حڪم کانپوءِ ڪي ايم سي پاران آرام باغ جي اندر ھڪ جماعت پاران قائم ڪيل خانگي آفيس کي بلڊوز ڪيو ويو. سياسي پارٽي پاران پارڪ جي ھڪ حصي تي قبضو ڪري آفيس ٺاھي ٻاھران لائيبرري جو بورڊ لڳائي ڇڏيو هو. آرام باغ جي اسسٽنٽ ڪمشنر جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ڪراچي جي آرام باغ واري علائقي ۾ قائم ڪي ايم سي لائبريري جي عمارت کي ڊاهيو ويو. اسسٽنٽ ڪمشنر جي حڪم تي لائبريري ڊاهڻ کان اڳ ڪتابن کي محفوظ ڪرڻ جو ڪو به جوڳو بندوبست نه ڪيو ويو،جنهن سبب ڪيترن ئي ناياب ڪتابن ۽ مواد جو نقصان ٿي ويو.
Check Also
پنجاب جا رستا مڪمل بند رهندا، ڪمون شهيد ۽ ڊيرا موڙ تي به ڌرڻن جو اعلان
وڪيلن ڪئنالن خلاف تحريڪ جو دائرو وڌائي ڇڏيو، پنجاب جي روڊ رستي رسد بند ڪرڻ …