Friday , April 25 2025

سنڌ هاءِ ڪورٽ نثار کهڙو جي نااهلي خلاف نثار کهڙو جي اپيل رد ڪري ڇڏي

لاڙڪاڻو( رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ هاءِ ڪورٽ پي ايس 11 تي نازمدگي فارم جمع ڪرائيندڙ پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو جي نااهلي خلاف داخل ڪرايل اپيل رد ڪندي اليڪشن ٽربيونل جو فيصلو برقرار رکندي درخواست اڪلائي ڇڏي آهي، نثار کهڙي کي ٽئين شادي ۽ اثاثا لڪائڻ تي اليڪشن ٽربيونل  نااهل قرار ڏنو  هو. سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ لاڙڪاڻو پي ايس 11 لاڙڪاڻي تي پيپلز پارٽي جي اميدوار نثار کهڙي جي نااهلي خلاف داخل ڪرايل اپيل رد ڪري ڇڏي. نثار کهڙي خلاف جي ڊي اميدوار معظم عباسي اليڪشن ٽربيونل سکر وٽ اعتراض واريو هو ته پ پ اميدوار نامزدگي ڪاغذن ۾ٽين شادي ۽ ٻيا اثاثا لڪايا آهن، انڪري صادق ۽ امين نه رهيو  آهي، جنهن تي اليڪشن ٽربيونل نثار کهڙي کي نااهل قرار ڏنوهو.اليڪشن ٽربيونل جي فيصلي کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويوهو.

About Asghar Azad

Check Also

پنجاب جا رستا مڪمل بند رهندا، ڪمون شهيد ۽ ڊيرا موڙ تي به ڌرڻن جو اعلان

وڪيلن ڪئنالن خلاف تحريڪ جو دائرو وڌائي ڇڏيو، پنجاب جي روڊ رستي رسد بند ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *