Sunday , June 15 2025
Breaking News

ڪراچي ۾ اشتهارن لاءِ ڀتيون ٺهي ويون، پر ادارن کي خبر نه پئي، سپوريم ڪورٽ نوٽيس ورتو

ڪراچي ( رپورٽر    سنڌسماءَچار) سپريم ڪورٽ ڪراچي ۾ روڊن تان اشتهاري ڀتون ڊاهڻ جو حڪم  ڏيندي 10 ڏينهن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ۾ چيو ته ٻڌايو وڃي ڪراچي جي روڊن تي ڪنهن اشتهاري ڀتون ٺاهيون آهن، کين ڪنهن اجازت ڏني آهي. چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته شهر جي سمورن روڊن تان اشتهاري ڀتون ڊاهي 10 ڏينهن ۾ رپورٽ پيش ڪئي وڃي.ڪراچي ڪنٽومينٽ جي چيف ايگزيڪٽو آفيسر  عدالت کي آگاهه ڪيو ته اشتهاري ڪمپنيز کي نوٽسز موڪليا ويا آهن. چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته ڪمپنيز کي نوٽيسز جاري ڪرڻ سان ڪجهه نه ٿيندو، ڪارروائي ڪئي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

ڪئنال منصوبو مڪمل رد نه ٿيو، ”گڏيل اتفاق راءِ“ جي ٻه واٽي تي ٽَنگِيَل رهندو

ڪئنال منصوبو مڪمل رد نه ٿيو، ”گڏيل اتفاق راءِ“ جي ٻه واٽي تي ٽَنگِيَل رهندو، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *