Friday , April 25 2025

قانون واري کاتي ۾ من پسند ماڻهن جون ڀرتيون، سنڌ حڪومت کي نوٽيس

ڪراچي( سنڌسماءَ چار مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ قانون کاتي ۾ غيرقانوني ڀرتين خلاف درخواست جي ٻڌڻي دوران قانون واري سيڪريٽري، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ۽ ٻين کي جواب جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي آهي. درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته سنڌ حڪومت من پسند ماڻهن کي قانون کاتي ۾ ڀرتي ڪيو آهي. درخواست ۾ چيو ويو ته صوبائي وزير ناصر شاهه جي پٽ شبير شاهه ۽ ٻين کي ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ مقرر ڪيو ويو آهي. درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته سڀني ماڻهن کي وڪالت جي تجربي ۽ تعليمي قابليت جي ابتڙ اعلي عهدن تي مقرر ڪيو ويو آهي، تنهن ڪري سڀني ماڻهن کي هٽائڻ لاءِ حڪم جاري ڪيو وڃي. عدالت قانون واري سيڪريٽري ۽ ايدووڪيٽ جنرل سنڌ سميت ٻين کي جواب جمع ڪرائڻ جي مهلت ڏيندي درخواست جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

پنجاب جا رستا مڪمل بند رهندا، ڪمون شهيد ۽ ڊيرا موڙ تي به ڌرڻن جو اعلان

وڪيلن ڪئنالن خلاف تحريڪ جو دائرو وڌائي ڇڏيو، پنجاب جي روڊ رستي رسد بند ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *