لاهور(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) نيب لاهور پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف کي 4 جون تي طلب ڪري ورتو، نيب عملدارن جو چوڻ آهي ته شهباز شريف کان صاف پاڻي پراجيڪٽ ڪيس بابت پڇا ڳاڇا ڪئي ويندي. نيب پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف کي 4 جون تي طلب ڪيو ويوآهي. نيب عملدارن جو چوڻ آهي ته شهباز شريف کان صاف پاڻي پراجيٽ ڪيس بابت پڇا ڳاڇا ڪئي ويندي. ذريعن موجب نيب طرفان شهبازشريف کي سوالنامو به موڪليو ويو آهي. نيب پنجاب ۾ صاف پاڻي پراجيڪٽ ۾ مبينا ڪرپشن جي جاچ ڪري رهيو آهي جنهن ۾ اڄ پنجاب جي ناڻي واري وزير عائشه غوث پاشا پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرايو آهي.
Check Also
ڀارت پئسا ڏئي ڪالاباغ ڊيم کي تڪراري بڻايو: چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني
اسلام آباد(خاص نمائندو سنڌسماءَچار) واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني حڪومت کي هڪ …