Sunday , June 15 2025
Breaking News

پي ٽي آءِ پاران ڪئمپ تي حملي جي ايف آءِ آر آصف زرداري،بلاول ۽ وڏي وزير خلاف داخل ڪرائڻ جو اعلان

ڪراچي( اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) پي ٽي آءِ  پاران گلشن اقبال ۾ پي ٽي آءِ جي ڪئمپ تي حملي جو ڪيس آصف زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، وڏي  وزير سيد مراد علي شاهه، سعيد غني ۽ نجمي عالم خلاف داخل ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. حڪيم سعيد گرائونڊ ۾ قائم پي ٽي آءِ جي ڪئمپ تي حملي ۽ ڀڃ ڊاهه واري واقعي بعد رات جو دير سان واقعي واري هنڌ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ اڳواڻ علي زيدي چيو آهي ته، پ پ ڪراچي ڊويز جي اڳواڻ نجمي عالم نشي ۾ ڌت ٿي اسان  جي ڪئمپ تي حملو ڪرايو، هن دعوا ۽ زور ڏيندي چيو ته نجمي عامل نشي ۾ ڌت هيو. علي زيدي چيو ته، اسان جلسي جي هنڌ بابت پ پ اڳواڻن کي مسئلو ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جي آڇ ڪئي، پر رات جو دير سان اسان جي ڪئمپ تي حملو ڪري ڪيترائي ڪارڪن زخمي ڪيا ويا، انهن جي گاڏين کي باهه ڏني وئي ۽ ڪئمپ تان قيمتي سامان به کڻي ويا.

About Asghar Azad

Check Also

ڀارت پئسا ڏئي ڪالاباغ ڊيم کي تڪراري بڻايو: چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني

اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني حڪومت کي هڪ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *