Saturday , April 27 2024

اليڪشن ڪميشن خلائي مخلوق جي چونڊن بابت وزيراعظم جي بيان کي رد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد ( سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي خلائي مخلوق جي چونڊون ڪرائڻ جي بيان کي رد ڪري ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن جي ترجمان چيو آهي ته اسان 2018ع جي چونڊن لاءِ تيار آهيون، خلائقي مخلوق طرفان چونڊون ڪرائڻ جا بيان مفروضن تي ٻڌل آهن. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان الطاف خان اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان 2018ع جي چونڊن لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته اهم عهدن تي ويٺل شخصيتون اهڙن بيانن کان پاسو ڪن. ترجمان چيو ته خلائقي مخلوق طرفان چونڊون ڪرائڻ جا بيان مفروضن تي ٻڌل آهن. ترجمان چيو اليڪشن ڪميشن آئيني ۽ قانوني ذميوارين ۾ مڪمل طور ٽي آزاد آهي، خلائي مخلوق طرفان اليڪشن ڪرائڻ جو بيان آئين ۽ اليڪشن ڪميشن جي مئنڊيٽ خلاف آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *