ڪرراچي( رپورٽر سنڌسماءَچار) واٽر ڪميشن سربراهه، ڪراچي جي ميئر کي جلد نالن جي صفائي شروع ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيف سيڪريٽري کي اڄ ئي رقم جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ واٽر ڪميشن جي ڪارروائي ٿي، ميئر ۽ چيف سيڪريٽري سميت ٻيا عملدار پيش ٿيا. ڪميشن سربراهه جسٽس رٽائرڊ امير هاني مسلم چيو ته ڪي ڊي اي وٽ نالن جون جيڪي اسڪيمون آهن اهي سنڌ حڪومت کي ڏنيون وڃن، اسان کي هڪ مهيني کان بيوقوف بڻايو پيو وڃي. چيف سيڪريٽري چيو ته سڀاڻي تائين ڪي ايم سي کي 500 ملين رپيا فراهم ڪيا ويندا. هن چيو ته گجر نالي سميت ٻيون اسڪيمون ڪي ايم سي کي ٽرانسفر ڪري رهيا آهيون. مڪاني کاتي جي سيڪريٽري چيو ته ڪميشن جي حڪم تي اسان روڊ ٺاهڻ جي اجازت ڏئي رڪاوٽون ختم ڪيون آهن. واٽر ڪميشن سربراهه چيو ته هڪ غير سرڪاري تنطيم شهر ۾ بيوٽيفڪيشن ۽ سيوريج جي ڪم جو واعدو ڪيو هو، جيڪڏهن ڪي ايم سي هي ڪم ڪري ڇڏي ته سماجي تنظيم لاءِ ڇا ڪم رهجي سگهي ٿو؟.
Check Also
ڀارت پئسا ڏئي ڪالاباغ ڊيم کي تڪراري بڻايو: چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني
اسلام آباد(خاص نمائندو سنڌسماءَچار) واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني حڪومت کي هڪ …