Friday , April 25 2025

گم ٿيل ٻارڙن کي فوري طور بازياب ڪرايو وڃي: سنڌ هاءِ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي( رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي مختلف علائقن مان اغوا ڪيل 19 ٻارڙن کي فوري طور بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏئي  ڇڏيو آهي، پوليس پاران پيش ڪيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته اغوا ڪيلن مان 6 ٻارن کي بازياب ڪرايو ويو آهي، عدالت وڌيڪ ٻارڙن کي بازياب ڪرائڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي مختلف علائقن مان اغوا ٿي ويل 19 ٻارڙن جي وارثن پاران داخل ڪيل درخواستن تي ٻڌڻي  ڪئي. درخواستن ۾ موقف اختيار ڪيوويو ته اغوا ٿي ويل ٻارڙن جي عمر اڍائي کان 14 سالن تائين آهي، جن کي پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي آهي. پوليس پاران پيش ڪيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته گم ٿيل ٻارڙن مان چئن ٻارڙن کي ڪجهه وقت اڳ بازياب ڪرايو ويو ۽ وڌيڪ ٻن ٻارڙن کي به بازياب ڪرايو ويو آهي، جن ۾ مهلڪ ۽ ابراهيم شامل آهن. عدالت چيو ته  اغوا ڪيل سمورن ٻارڙن کي فوري طور بازياب ڪرائڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيووڃي ۽ آءِ جي سنڌ سموري معاملي جي پاڻ نگراني ڪري.

About Asghar Azad

Check Also

پنجاب جا رستا مڪمل بند رهندا، ڪمون شهيد ۽ ڊيرا موڙ تي به ڌرڻن جو اعلان

وڪيلن ڪئنالن خلاف تحريڪ جو دائرو وڌائي ڇڏيو، پنجاب جي روڊ رستي رسد بند ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *