ڪراچي( رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي مختلف علائقن مان اغوا ڪيل 19 ٻارڙن کي فوري طور بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، پوليس پاران پيش ڪيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته اغوا ڪيلن مان 6 ٻارن کي بازياب ڪرايو ويو آهي، عدالت وڌيڪ ٻارڙن کي بازياب ڪرائڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي مختلف علائقن مان اغوا ٿي ويل 19 ٻارڙن جي وارثن پاران داخل ڪيل درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي. درخواستن ۾ موقف اختيار ڪيوويو ته اغوا ٿي ويل ٻارڙن جي عمر اڍائي کان 14 سالن تائين آهي، جن کي پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي آهي. پوليس پاران پيش ڪيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته گم ٿيل ٻارڙن مان چئن ٻارڙن کي ڪجهه وقت اڳ بازياب ڪرايو ويو ۽ وڌيڪ ٻن ٻارڙن کي به بازياب ڪرايو ويو آهي، جن ۾ مهلڪ ۽ ابراهيم شامل آهن. عدالت چيو ته اغوا ڪيل سمورن ٻارڙن کي فوري طور بازياب ڪرائڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيووڃي ۽ آءِ جي سنڌ سموري معاملي جي پاڻ نگراني ڪري.
Tags missing children SHC missing child
Check Also
ڪئنالن جي معاملي تي سنڌ حڪومت وفاق کي هر قسم جي احتجاج جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو
ڪئنالن وارو معاملو هٿن مان نڪري ويو ته اسان به هر قسم جو احتجاج ڪنداسين، …