Friday , April 25 2025

75ڪروڙن جي ڪرپشن، ڳهڻو خان جتوئي خلاف ڪرپشن ريفرنس داخل ڪرڻ جو حڪم

سکر(خاص نمائندو سنڌسماءَچار) لاڙڪاڻي واسي بلڊر ۽ تيل جو ڪاروبار ڪندڙ ڳهڻو خان جتوئي خلاف 75 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ڪرپشن جي الزام هيٺ نيب پاران ريفرنس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. احتساب عدالت ۾ بلڊر ڳهڻي خان جتوئي ۽ ٽي ايم او ڳڙهي ياسين عبدالرشيد ملڪ خلاف ڪرپشن معاملي جي ڪيس جي شنوائي ڪئي. عدالت ٻڌڻي بعد ڳهڻو خان جتوئي ۽ عبدالرشيد ملڪ خلاف 75 ڪروڙ رُپين جي ڪرپشن جو ريفرنس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. نيب اختيارين طرفان ٻنهي جوابدارن کي سکر جي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو ۽ عدالت کي آگاهي ڏني وئي ته جوابدارن خلاف ڪرپشن جي جاچ هلي رهي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ حڪومت جون 50کان وڌيڪ گاڏيون غيرواسطيدار ماڻهن حوالي

سنڌ حڪومت جون پنجاهه کان وڌيڪ سرڪاري گاڏيون ايم پي ايز، ڪامورن ۽ بااثر سياسي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *