Sunday , June 15 2025
Breaking News

کنڊ اسڪينڊل، جهانگير ترين خلاف جاچ ڪندڙ ڪميٽي جو سربراهه بدلي

اسلام آباد (خاص نمائندوں  سنڌسماءَچار) کنڊ اسڪينڊل جي مک جوابدار ۽پي ٽي آءِ اڳواڻ جهانگير ترين جا حڪومت سان معاملا طئي ٿي ويا، جي آءِ ٽي سربراهه بدلي، ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر رضوان کي بدلي ڪري لاڳاپيل اختيارين وٽ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. گذريل سال ملڪ ۾ پيدا ٿيل کنڊ جي ميگا اسڪنڊل جي مک جوابدار پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ وزيراعظم عمران خان جي ويجهي دوست جهانگير ترين جا حڪومت سان معاملا طئي ٿي ويا آهن، ذريعن موجب کنڊ بحران جي جاچ لاءِ جوڙيل جي آءِ ٽي جي سربراهه ڊاڪٽر رضوان کي بدلي ڪري رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. مليل ڄاڻ موجب معلوم ٿيو آهي ته ڊاڪٽر رضوان جي سربراهي ۾ جوڙيل جوڙيل جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم کنڊ اسڪينڊل خلاف جاچ ستر سيڪڙو مڪمل ڪري چڪي هئي، جاچ دوران ئي جهانگير ترين جا وزيراعظم عمران خان سان هڪ فئملي فرينڊ معرفت ڪجهه ڏينهن کان ڳالهيون هلندڙ هيون، جنهن دوران جهانگير ترين ۽ عمران خان وچ ۾ معامل طئي ٿي وڃڻ کانپوءِ کنڊ اسڪينڊل جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي جي سربراهه ڊاڪٽر رضوان کي ڪميٽي جي سربراهي تان هٽائي کيس رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

 

About Asghar Azad

Check Also

ڪئنال منصوبو مڪمل رد نه ٿيو، ”گڏيل اتفاق راءِ“ جي ٻه واٽي تي ٽَنگِيَل رهندو

ڪئنال منصوبو مڪمل رد نه ٿيو، ”گڏيل اتفاق راءِ“ جي ٻه واٽي تي ٽَنگِيَل رهندو، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *