ڪراچي( رپورتر سنڌسماءَچار) قيوم آباد مان بئلٽ پيپرز گند جي ڍير مان هٿ اچڻ کانپوءِ گذري جي هڪ اسڪول مان ٺپا لڳل بئلٽ پيپرز هٿ آيا آهن، سعيد غني دعويٰ ڪئي آهي ته هٿ آيل 154 بئلٽ پيپرز مان اڪثر تي تير واري نشان تي ٺپا لڳل آهن. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته جيڪي بيلٽ پيپر ضايع ڪيا ويا، انهن ۾ شينهن ۽ لغڙ تي به ٺپا لڳل آهن،جنهن مان خبر پئي ٿي ته پ پ سميت مختلف پارٽين جو مينڊيٽ چوري ڪيو ويو. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن صاف ۽ شفاف چونڊون نه ڪرائڻ تي استعيفا ڏيڻ گهرجي.هن چيو ته گذري جي هڪ اسڪول ۾ اسڪول ٻار سوين بيلٽ پيپرز آڻي ڏنا آهن، جيڪي انهن جي ڊيسڪ مان مليا آهن. هن چيو ته جنهن تڪ مان هي بيلٽ پيپر هٿ آيا، اهو اين اي 247 ۽ پي ايس 111جو تڪ آهي. هن چيو ته ساڳي هنڌ تان اليڪشن ڪميشن جون سيلز ۽ اسٽيمپز به ملياآهن. هن مطالبو ڪيو ته اليڪشن ڪمشنر ناڪامي تي پنهنجي عهدي تان استعيفا ڏئي .
Check Also
پنجاب جا رستا مڪمل بند رهندا، ڪمون شهيد ۽ ڊيرا موڙ تي به ڌرڻن جو اعلان
وڪيلن ڪئنالن خلاف تحريڪ جو دائرو وڌائي ڇڏيو، پنجاب جي روڊ رستي رسد بند ڪرڻ …