Sunday , April 27 2025

جنهن کي رب رکي، تنهن کي ڪير چکي، ڪراچي ۾ ٻه ماڙ تان اڇلايل ٻارڙي زندهه بچي وئي

جنهن کي رب رکي، تنهن کي ڪير چکي، مارڻ واري کان بچائڻ وارو ويجهو آهي

ڪراچي (رپورٽر   سنڌسماءَچار) چوندا آهن ته جنهن کي رب رکي، تنهن کي ڪير چکي ۽ مارڻ واري کان بچائڻ وارو ويجهو آهي، اهڙو ئي واقعو منظور ڪالوني واري ڪراچي جي منظور ڪالوني واري علائقي ۾ پيش آيو، جتي رهائشي عمارت جي ٻي ماڙ تان مبينا ماءُ ۽ نانَي تازي ڄاول نياڻيءَ کي هيٺ اڇلائي ڇڏيو. ٻي ماڙ تان اڇلايل ٻارڙي زمين تي ڪري ته ڌرتي ماءُ کيس هنج وٺي ڇڏيو ۽ قدرت کي حياتي بخشي ڇڏي. هيٺ الايل اَبهَم نياڻي جِي اک کي معمولي نقصان پهتو، پوليس ٻارڙي جِي ماءُ نجمه ۽ نانَي ممتاز کوکر کي گرفتار ڪري ورتو، سرڪار جِي مدعيت ۾ ڪيس داخل، رمضان ڇيپا واقعي وارَي هنڌ پهچي ٻارڙي کي هنج ورتو، پريس ڪانفرنس دوران رمضان ڇيپا چيو ته هُو ٻارڙي جِي سار سنڀال ڪندا، پوليس موجب ناري ۽ سندس پيءُ ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو آهي، ويم ڪرائيندڙ خلاف به ڪارروائي ڪئي ويندي.

About Asghar Azad

Check Also

ڪئنالن جي معاملي تي سنڌ حڪومت وفاق کي هر قسم جي احتجاج جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو

ڪئنالن وارو معاملو هٿن مان نڪري ويو ته اسان به هر قسم جو احتجاج ڪنداسين، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *