ڪراچي ( رپورٽ: آفاق ڀٽي سنڌسماءَچار ) سنڌ حڪومت صوبي اندر گذريل ڏھن سالن دوران جاري ڪيل ڊوميسائيل جي ڇنڊڇاڻ لاءِ ڊويزنل سطح تي جاچ ڪميٽيون جوڙي ڇڏيون آھن، گھرو کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڪمشنرز ڪميٽين جا سربراهه ھوندا. سنڌ ۾ ٻين صوبن جي رھائش ماڻھن کي جعلي ڊوميسائيل جاري ٿيڻ واري معاملي جي جاچ لاءِ سنڌ حڪومت پاران گذريل ڏھن سالن دوران جاري ڪيل سمورن شڪي ڊوميسائيلز جي جاچ ڪئي ويندي. گھرو کاتي جي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ڪميٽي ھڪ مھيني اندر معاملي جي جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي. سنڌ ۾ ٻين صوبن جي رهائشي ماڻھن کي جعلي ڊوميسائيل جاري ٿيڻ خلاف وڏي پئماني تي احتجاجي مظاهرا ڪيا ۽ ريليون ڪڍيون ويون، سوشل ميڊيا تي به ان معاملي خلاف وڏي پئماني تي مھم ھلائي پئي وڃي.
Check Also
پنجاب جا رستا مڪمل بند رهندا، ڪمون شهيد ۽ ڊيرا موڙ تي به ڌرڻن جو اعلان
وڪيلن ڪئنالن خلاف تحريڪ جو دائرو وڌائي ڇڏيو، پنجاب جي روڊ رستي رسد بند ڪرڻ …