Friday , April 25 2025

ڪينال ٺاهيندڙ اسلام آباد وارن وٽ اسان جي ڪري ئي اقتدار آهي:  بلاول ڀٽو زرداري

 حيدرآباد(رپورٽر  سنڌسماءَچار) سنڌ ۽ پاڪستان جو عوام ڪينال منصوبي کي رد ڪري ٿو، وفاقي حڪومت هن تڪراري منصوبي کي فوري طور تي واپس وٺي، ٻي صورت ۾ پيپلز پارٽي ان سان گڏ هلي نه سگهندي، جڏهن ته ان معاملي سان وفاق کي خطرو ٿي سگهي ٿو، سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍندڙ اسلام آباد وارن ٽ اسان جي ڪري ئي اقتدار آهي، شهباز شريف کي اسان جو ٿهورائتو هجڻ ۽ شڪريو ادا ڪرڻ گهرجي. حيدآباد ۾ هٽڙِ باءِ پاس وٽ جلسي کي خطاب ڪندي پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪئنال ٺاهيندڙ اسلام آباد ۾ ويٺا آهن، اسان جي ڪري ئي هنن وٽ اقتدار آهي، جيڪڏهن شهباز شريف اڄ وزيراعظم آهي ته کيس اسان جو ۽ سنڌ جي عوام جو شڪريو ادا ڪرڻ گهرجي. پنهنجي خطاب ۾ بلاول چيو ته سنڌ ۽ پاڪستان جو عوام ڪئنال منصوبي کي رد ڪري ٿو، وفاقي حڪومت هن تڪراري منصوبي کي فوري طور تي واپس وٺي، ٻي صورت ۾ پيپلز پارٽي ان سان گڏ هلي نه سگهندي، جڏهن ته ان معاملي سان وفاق کي خطرو ٿي سگهي ٿو. تڪراري ڪئنال منصوبو اهڙو مسئلو آهي جيڪو عالمي سطح تي پاڪستان کي ڏکيائين ۾ وجهي سگهي ٿو، بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته ماضي ۾ جڏهن باني پي ٽي آءِ ٻه ڪئنال ٺاهڻ جي اجازت ڏني ته پيپلز پارٽيءَ جي جيالن مزاحمت ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ هنن عوام جي طاقت تي بي اعتمادي جي رٿ آندو ۽ جنهن ٻن واهه جي اجازت ڏني ان کي گهر موڪلي ڇڏيو، هن قيدي نمبر 420 کي هنن ڇهن واهه مان ٻه ڪئنال ٺهڻ جي اجازت ڏني هئي، تڏهن به پيپلز پارٽي مزاحمت ڪئي هئي، تنهن ڪري اسان سمجهون ٿا ته پاڻي جي منصفاڻي ورڇ اسان جي قومي ۽ عالمي ذميواري آهي. پ پ چيئرمين چيو ته اسان تڪراري ڪينال منصوبي خلاف مسلسل آواز اٿاري رهيا آهيون پر اسلام آباد جو عوام انڌو ۽ ٻوڙو آهي، ڏسڻ ۽ ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، اسان اصولن جي ڪري تڪراري ڪينال منصوبي جي مخالفت ڪري رهيا آهيون ۽ ان ڪري ته منهنجي وفاق کي خطرو آهي. بلاول ڀٽو چيو ته تڪراري ڪينال ٺاهيندڙ اسلام آباد ۾ ويٺا آهن، اسان جي ڪري ئي هنن وٽ اقتدار آهي. جيڪڏهن شهباز شريف اڄ وزيراعظم آهي ته کيس سنڌ جي عوام جو شڪريو ادا ڪرڻ گهرجي.

About admin

Check Also

پنجاب جا رستا مڪمل بند رهندا، ڪمون شهيد ۽ ڊيرا موڙ تي به ڌرڻن جو اعلان

وڪيلن ڪئنالن خلاف تحريڪ جو دائرو وڌائي ڇڏيو، پنجاب جي روڊ رستي رسد بند ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *