Sunday , June 15 2025
Breaking News

ڪورنگي جي اسپتال ۾ فوت ٿيل ناري عصمت جوڻيجو کي زيادتي بعد قتل ڪرڻ جو انڪشاف

ڪراچي( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪورنگي جي سرڪاري اسپتال ۾ غلط انجيڪشن لڳڻ سبب نوجوان ناري عصمت جوڻيجو جو موت نئون رخ اختيار ڪري ويو آهي، ناري کي لڄالٽ ڪرڻ بعد زهر جي سُئي هڻي قتل ڪيو ويو. گذريل جمعي واري ڏينهن ڪورنگي جي سنڌ گورنمينٽ اسپتال ۾ غلط انجيڪشن لڳڻ سبب ناري جي فوت ٿيڻ وارو معاملو نئون رخ اختيار ڪري ويو آهي. ناري سان اسپتال جي ڊاڪٽر پاران لڄالٽ ڪرڻ بعد کيس زهر جي انجيڪشن لڳائي قتل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، بااثر ڊاڪٽر اياز عباسي ناري جي وارثن کي خاموش رهڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. مختلف ذريعن کان مليل ڄاڻ ۽ گرفتار ڪيل اسپتال جي ملازم شاهه زيب جي بيان مطابق ڪورنگي اسپتال جي ڊاڪٽر اياز عباسي ناري عصمت جوڻيجو کي پهريان جنسي حوس جو نشانو بڻايو جنهن ۾ هُو/شاهه زيب به شامل هو، جنهن بعد ناري پاران سندن خلاف قانوني ڪارروائي جي ڌمڪي تي ڊاڪٽر کيس زهر جي سُئي هڻي قتل ڪري ڇڏيو، جنهن بعد هن پاڻ ئي اهڙي افواهه هلائي ته ناري عصمت علاج دوران غلط انجيڪشن لڳڻ سبب فوت ٿي وئي آهي، جيئن لڄالٽ ۽ زهر واري سئي هڻي قتل ڪرڻ وارو معاملو لڪي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

ڀارت پئسا ڏئي ڪالاباغ ڊيم کي تڪراري بڻايو: چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني

اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني حڪومت کي هڪ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *