Sunday , June 15 2025
Breaking News

ڪميشن پاس 74 سيڪشن آفيسرز کي آفر آرڊرز جاري

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار)  سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪرڻ بعد ڀرتي جي سفارش ڪيل 74 سيڪشن آفيسرز ( ايس اوز) کي مختلف کاتن ۾ مقرر ڪيو ويون آهي، سنڌ حڪومت پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق سمورن سيڪشن آفيسرز کي ليبر، صحت، زراعت، ٽرانسپورٽ، تعليم، ايڪسائيز، ثقافت کاتي سميت مختلف کاتن ۾ مقرر ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته، نون ڀرتي ٿيل سيڪشن آفيسرن کي ٽريننگ اڪيڊمي ۾ لازمي ٽريننگ پڻ جاري رکندا. سمورن ايس اوز کي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران ورتل امتحانن ۾ پاس قرار ڏنو ويو هو، جن کي ايس پي ايس سي جي سفارش تي سنڌ حڪومت واسطيدار کاتن ۾ مقرر ڪري ڇڏيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ حڪومت جون 50کان وڌيڪ گاڏيون غيرواسطيدار ماڻهن حوالي

سنڌ حڪومت جون پنجاهه کان وڌيڪ سرڪاري گاڏيون ايم پي ايز، ڪامورن ۽ بااثر سياسي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *