Sunday , June 15 2025
Breaking News

ڪراچي: شهر ۾ هلندڙ نجي ٽيڪسين اوبر ۽ ڪريم خلاف ڪاروائي جو فيصلو، فٽنيس ۽ روٽس پرمنٽ وٺڻ لازمي قرار

ubr taxi Nasir Shah

ڪراچي ۾ هلندڙ نجي ٽيڪسين اوبر ۽ ڪريم خلاف ڪاروائي جو فيصلو، فٽنيس ۽ روٽس پرمنٽ وٺڻ لازمي قرار

سنڌ جي ٽرانسپورٽ واري کاتي قانوني گهرجون پوريون نه ڪندڙ نجي ٽيڪسيز ڪمپنيز ڪريم ۽ اوبر خلاف ڪارروائي لاءِ صوبائي ٽرانسپورٽ اٿارٽي کي خط لکي ڇڏيو آهي، ٽرانسپورٽ واري کاتي جي سيڪريٽري جو چوڻ آهي نجي ٽيڪسي ڪمپنيز کي قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ هڪ مهيني جي مهلت ڏني وئي آهي. نجي ٽيڪسيز ڪمپني اوبر ۽ ڪريم تي پنجاب ۾ پابندي کانپوءِ سنڌ سرڪار به ايڪشن ۾ اچي وئي آهي. سنڌ جي ٽرانسپورٽ واري کاتي جي سيڪريٽري ٽيڪسي ڪمپنيز اوبر ۽ ڪريم خلاف ڪارروائي لاءِ صوبائي ٽرانسپورٽ اٿارٽي کي خط لکي ڇڏيو آهي. ٽرانسپورٽ واري کاتي جي سيڪريٽري جو چوڻ آهي نجي ٽيڪسي ڪمپنيز کي قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ هڪ مهيني جي مهلت ڏني وئي آهي ان لاءِ کين فٽنيس سرٽيفڪيٽ، ڪمرشل اين او سي ۽ روٽ پرمٽ لازمي طور پيش ڪرڻي پوندي. ٽرانسپورٽ واري کاتي موجب ڪيترائي نوٽيس جاري ڪرڻ باوجود ٻنهي نجي ڪمپنيز جواب نه ڏنو آهي. سنڌ جي ٽرانسپورٽ واري کاتي جي وزير ناصر شاهه جو چوڻ آهي ته ٻنهي ٽيڪس ڪمپنيز تي ڪابه پابندي لاڳو نه ڪئي وئي آهي جيڪڏهن انهن جي ڊرائيورن کي ڪوبه اهلڪار تنگ ڪري رهيو آهي ته انهن جي نشاندهي ڪئي وڃي……

About Asghar Azad

Check Also

ڀارت پئسا ڏئي ڪالاباغ ڊيم کي تڪراري بڻايو: چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني

اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني حڪومت کي هڪ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *