Sunday , June 15 2025
Breaking News

ڪراچي: سانگهڙ جي خالي ٿيل صوبائي تڪ پي ايس 81 تي ننڍي چونڊ ڪڏهن ٿيندي..؟؟

Jam Madad2

ڪراچي: اليڪشن ڪميشن سانگهڙ جي پي ايس 81 تان ڄام مدد علي جي استعيفيٰ ڏيڻ بعد خالي ٿيل تڪ تي چونڊ شيڊيول پڌرو ڪري ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن، ڄام مدد علي جي استعفيٰ ڏيڻ بعد سانگهڙ جي خالي تڪ پي ايس 81 تي ننڍي چونڊ لاءِ 3 اپريل جي اتاريخ مقرر ڪري ڇڏي آهي. ننڍي چونڊ جي شيڊيول مطابق، اميدوار نامزدگي فارم 23 کان 25 فيبروري تائين جمع ڪرائي سگهندا. اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل شيڊيول موجب اميدوارن جي ڪاغذن جي جاچ پڙتال 27 فيبروري کان پهرين مارچ تائين ڪئي ويندي. جاري ڪيل شيڊيول موجب 7 مارچ تي اميدوار هٿ کڻي سگهندا، اميدوارن جي حتمي لسٽ 8 مارچ تي جاري ڪئي ويندي. ياد رهي ته گذريل عام چونڊن دوران پي ايس 81 تي ڄام مدد علي فنڪشنل ليگ جي ٽڪيٽ تي ڪاميابي ماڻي هئي. ڄام مدد علي فنڪشنل ليگ ڇڏي پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿي ويو آهي، جنهن بعد هن ايم پي اي شپ تان استعيفيٰ ڏني هئي. ڄام مدد جي استعيفيٰ جي ڪارڻ سنڌ اسيمبليءَ جو تڪ پي ايس 81 خالي ٿي ويو هو

About Asghar Azad

Check Also

ڀارت پئسا ڏئي ڪالاباغ ڊيم کي تڪراري بڻايو: چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني

اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني حڪومت کي هڪ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *