Sunday , June 15 2025
Breaking News

چئني صوبن جي 10 صوبائي ۽ 16 قومي اسيمبلي جي تڪن تي ٻيهر ڳڻپ جو فيصلو

اسلام آباد( سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ)  اليڪشن ڪميشن اميدوارن پاران ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جون درخواستون ڏيڻ بعد قومي اسيمبلي جي 10 ۽ صوبائي اسيمبلي جي 16 تڪن تي ٻيهر ڳڻپ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 57 راولپنڊي، اين اي 158 ملتان، اين اي 110 فيصل آباد، اين اي 129 لاهور تي چونڊن جي ٻيهر ڳڻپ جي منظوري ڏني وئي آهي. اليڪشن ڪميشن اين اي 15 ايبٽ آباد، اين اي 10 شانگله، اين اي 159 ملتان ۽ اين اي 170 بهاولپور تي به چونڊن جي ٻيهر ڳڻپ جي منظوري ڏني آهي. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته اميدوارن جي درخواست تي صوبائي تڪ پي پي 290، پي پي 291، پي پي 292 ، پي پي 220 ۽ پي پي 228 تي به ٻيهر ڳڻپ جي منظوري ڏني وئي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

ڪئنال منصوبو مڪمل رد نه ٿيو، ”گڏيل اتفاق راءِ“ جي ٻه واٽي تي ٽَنگِيَل رهندو

ڪئنال منصوبو مڪمل رد نه ٿيو، ”گڏيل اتفاق راءِ“ جي ٻه واٽي تي ٽَنگِيَل رهندو، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *