Saturday , May 10 2025

ڀارت ڪراچي پورٽ کي نشانون بڻائڻ جي تياري ڪري ورتي، بحري جنگي ٻيڙو پهچي ويو

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ  سنڌسماءَچار) ڀارت جي پاڪ جنگي جنون ڏکڻ ايشيا جو امن خطري ۾ وجهي ڇڏيو، ڀارت ڪراچي پورٽ کي نشاني تي آڻي ڇڏيو آهي، ڀارت جنگي ٻيڙو ڪراچي جي پاڪستاني سامونڊي سرحد کان 300 سئو کان 400 سئو ميلن جي فاصلي تي بيهاري ڇڏيو، برطانوي اخبار “دي ٽيليگراف” جي دعويٰ.

پاڪستان سان ڪيترن ئي ڏينهن جي سرحدي ڇڪتاڻ کانپوءِ، ڀارت ڪراچي بندرگاهه تي حملي جي تياري مڪمل ڪري ورتي آهي، برطانوي اخبار “دي ٽيليگراف جي رپورٽ مطابق، ڀارت ڪراچي پورٽ ۽ سنڌ جي سامونڊي پٽيءَ کي نشانون  بڻائڻ لاءِ پنهنجو هڪ جنگي ٻيڙو پاڪستاني سامونڊي سرحد کان 300 کان 400 ميلن جي مفاصلي تي بيهاري ڇڏيو آهي. “ٽيليگراف” اخبار جي دعويٰ مطابق ڀارتي جنگي ٻيڙي تي، سپرسونڪ ڪروز ميزائلن، ڊسٽرائيرز، ڀارتي نيوي جي فليٽ، ايئر ڪرافٽ ڪيريئر، ڊسٽريئر، فريگيٽ ۽ اينٽي سب ميرين جهاز شامل آهن. ٻيڙي تي موجود ڪجهه جهاز برهموس سپرسونڪ ڪروز ميزائل سان ليس آهن، جيڪي روس جي تعاون سان تيار ڪيا ويا آهن، جيڪي 300 ڪلوگرام وار هيڊ کڻي سگهن ٿا ۽ 500 ميل پري هدف کي مارڻ جي صلاحيت رکن ٿا. تجزيه نگارن خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڪراچي کي نشانو بڻايو ويو ته اهو پاڪستان لاءِ تباهه ڪندڙ ثابت ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته ڪراچي بندرگاهه ملڪ جو 60 سيڪڙو واپار سنڀاليندو آهي ۽ بحري هيڊڪوارٽرن جو گمرڪز آهي.

About admin

Check Also

سنڌ جو گئس کڻندا رهيا آهيون ته هنن ڇا ڪيو، ڪئنال ٺهڻ ڏيو: مصدق ملڪ

اسان سنڌ جو گئس کڻندا رهيا آهيون، هنن ان تي اسان کي ڇا ڪيو جو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *