نئين دهلي(سنڌسماءَچار مانيذٽرنگ ڊيسڪ) ڀارتي حڪومت فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته، ورهاڱي وقت پاڪستان لڏي ويل ماڻهن جون سموريون ملڪيتون وڪرو ڪري آمدني ڀارتي خزاني ۾ جمع ڪرائي ويندي. ورهاڱي وقت موجده ڀارت مان چين ۽ پاڪستان لڏي ويل ماڻهن جي موجود ملڪيتن جي ماليت هڪ ڪاٿي مطابق گهٽ ۾ گهٽ 55 ارب پاڪستاني رپين کان به وڌيڪ ٿيندي. ڀارتي سرڪار پاڪستان ۽ چين لڏي ويل ماڻهن جي ملڪيتن کي ”اينيميز پراپرٽيز يعني دشمنن جون ملڪيتون“ قرار ڏئي حڪومتي تحويل ورتو ويو هو. ڀارت پاڪستان ۽ چين سان جنگيون به ڪري چڪو آهي. نريندر مودي حڪومت ۾ اچڻ کانپوءِ اينمي پراپرٽي ايڪٽ 1968 تحت انهن ملڪيتن جي واپس ساڳين مالڪن جي حوالي ٿيڻ کي ايترا قانوني ضابطا لڳايا ويا جو ملڪيتون اصل مالڪن جيڪي واپس ڀارت لڏي پهتا هئا انهن کي ملڻ ڏکيو بڻايو ويو، جهڙو ڪر اهو ناممڪن بڻجي ويو.
Check Also
وونئڻن جي جي پوکي80 سيڪڙو گهٽجي وئي،1000جننگ فئڪٽريون بند ٿي ويون: شام لال/ڊاڪٽر جيسو م
سنڌ سميت پاڪستان ۾ حڪومتي جي بي ڌياني، ٽئڪسز ۽ جعلي ٻج سبب وونئڻن جي …