Saturday , June 7 2025
Breaking News

ڀارت پئسا ڏئي ڪالاباغ ڊيم کي تڪراري بڻايو: چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني

اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني حڪومت کي هڪ نئون ۽ وڏو ڊيم ٺاهڻ جي تجويز ڏيندي دعويٰ ڪئي آهي ته ڀارت پئسا ڏئي ڪالاباغ ڊيم منصوبي کي تڪراري بڻايو. قومي اسيمبلي جي پاڻي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين احمد عتيق انور جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس کي بريفنگ ڏيندي چيئرمين واپڊا ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني چيو ته، هن وقت ملڪ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ آهي، ارسا موجب ملڪ اندر هن وقت پاڻي جي21 سيڪڙو کوٽ آهي، هن چيو ته پاڪستان طرف ايندڙ درياهن جو20 سيڪڙو ڀارت جي حدن ۾ اچي ٿو، ڀارت سنڌ طاس معاهدو هڪ طرفو ختم يا معطل نه ٿو ڪري سگهي. ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني چيو ته ملڪ ۾ پاڻي جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ نوان ذخيرا ٺاهڻا پوندا ان لاءِ پاڪستان کي هڪ وڏي ڊيم جي سخت ضرورت آهي.

ڪميٽي جي اجلاس کان پوءِ واپڊا چيئرمين سجاد غني ٻڌايو ته ملڪ ۾ وڏي ڊيم جي سخت ضرورت آهي جيڪا تجويز اسان اڄ حڪومت کي ڏئي چڪا آهيون، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان تي جلد عمل ڪيو وڃي، سندس چوڻ هو ته جڏهن تربيلا ڊيم تعمير ڪيو ويو هو ته ان وقت ملڪ جي آبادي گهٽ هئي، جيڪا هاڻي حد کان وڌيڪ وڌي وئي آهي، ان ڪري نئين ڊيم جي سخت ضرورت آهي، چيئرمين واپڊا ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني چيو ته ڀارت پئسا ڏئي ڪالاباغ ڊيم کي تڪراري بڻايو، هاڻي نئين ڊيم واري تجويز تي عمل ٿيڻ گهرجي.

سنڌ پوليس هٿان شهيد عرفان لغاري جو زبردستي کنيل لاش گچيرو ٿاڻي تي ايمبولينس ۾ ڊي_ڪمپوز ٿيڻ لڳو

About admin

Check Also

سنڌ پوليس هٿان شهيد عرفان لغاري جو زبردستي کنيل لاش گچيرو ٿاڻي تي ايمبولينس ۾ ڊي_ڪمپوز ٿيڻ لڳو

حيدرآباد سول اسپتال مان پوليس پاران زبردستي کنيل شهيد عرفان لغاري جو لاش مورو ويجهو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *