Sunday , June 15 2025
Breaking News

پ پ ايم پي ايز پاران سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران عورت ميمبرز سان گٿا لفظ ڳالهائڻ جي روايت برقرار

نصرت سحر عباسي سان گٿا لفظ ڳالهائيندڙ سردار چانڊيو

ڪراچي( رپورٽر سنڌسماءَچار) انساني حقن، ترقي پسند ۽ عورتن جي حقن جي علمبردار سڏائيندڙ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم پي ايز پاران عورت ميمبرز سان گٿا لفظ ڳالهائي سندن توهين ڪرڻ واري رويت برقرار آهي. سومر ڏهاڙي سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران، ايم پي اي سردار چانڊيو پاران، فنڪشنل ليگ جي عورت ايم پي اي سان گٿا لفظ ڳالهايا ته ان وقت اجلاس جي صدارت ڪندڙ ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا ٽهڪ ڏيندي رهي پر، سردار چانڊيو کي هڪ لفظ به نه چيو.

ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا – سردار چانڊيو فريال ٽالپر سان گڏ- فائل فوٽوز

سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران سردار چانڊيو، قمبر شهدادڪوٽ ۾ واقع ڪُتي جي قبر واري ماڳ بابت ڄهراءُ پيش ڪرڻ چاهيو ته اپوزيشن ميمبرز احتجاج ڪايو. ان دوران ئي پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو عورت ايم پي اي نصرت سحر عباسي کي مخاطب ٿيندي چيو ته، ”بڪواس نه ڪر“ ۽ ٻيا اهڙا لفظ ڳالهائيندو رهيو، جنهن تي پيپلز پارٽي جي ڪنهن به مرد توڙي عورت ايم پي ڪو به رد عمل ظاهر نه ڪيو ۽ سردار چانڊيو کلندو به رهيو ته ان سان گڏوگڏ شحلا رضا ٽهڪ ڏيندي رهي.

سنڌ اسيمبلي ۾ پ پ جي ايم پي ايز، وزيرن ۽ ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا جو مخالف ڌر جي ايم پي نصرت سحر عباسي سان اهڙو رويو پهريون دفعو اختيار ناهي ڪيو ويو. ان کان اڳ به اهڙي قسم جي روين جو اظهار ٿيندو رهيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

ڀارت پئسا ڏئي ڪالاباغ ڊيم کي تڪراري بڻايو: چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني

اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني حڪومت کي هڪ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *