Friday , April 25 2025

پي ٽي آءِ به سنڌو مان ڪئنال ڪڍڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي

نوان ڪئنال اڏڻ سان سنڌ جِي زمين بنجر بڻجي ويندي: سينيٽر شبلي فراز

اسلام آباد ( رپورٽر  سنڌسماءَچار) پاڪستان تحريڪ انصاف به سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي کي رد ڪندي معاملو سي سي آءِ ۾ کڻي وڃڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. سنڌو مان ڪئنال ڪڍڻ واري معاملي تي سينيٽ ۾ پيپلزپارٽي مهملي واري رٿ تي ڳالهائيندي پي ٽي آءِ جي سينيٽر شبلي فراز چيو ته نوان ڪئنال اڏڻ سان سنڌ جِي زمين بنجر بڻجي ويندي، اميد آهي ته حڪومت معاملو سي سي آءِ ۾ کڻي ويندي، نوان ڪئنال ڪڍڻ سان هڪ صوبو بنجر ٿيڻ جو خدشو آهي. شبلي فراز چيو ته اسان پڇڻ چاهيون ٿا ته ڪئنالن واري معاملي تي سنڌ مخالفت ڪري رهي آهي ان باوجود ان معاملي جو نوٽيس ڇو نه ٿو ورتو وڃي. هن چيو ته اهو اسلامي ۽ عالمي قانون آهي ته پاڻيءَ تي پڇڙي وارن جو وڌيڪ حق آهي، عالمي اصون تحت به پڇڙي جَي علائقن کي فائدو ڏنو ويندو آهي. هن چيو ته سي سي آءِ جو اجلاس ٽِن مهينن ۾ ٿيڻ لازمي آهي ۽ اها آئيني گهرج آهي، پر افسس آهي ته سي سي آءِ جو اجلاس نه ٿيو گهرايو وڃي جيڪو عمل انتهائي افسوسناڪ ۽ صوبن جي حق تلفي آهي.

About admin

Check Also

پنجاب جا رستا مڪمل بند رهندا، ڪمون شهيد ۽ ڊيرا موڙ تي به ڌرڻن جو اعلان

وڪيلن ڪئنالن خلاف تحريڪ جو دائرو وڌائي ڇڏيو، پنجاب جي روڊ رستي رسد بند ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *