Friday , April 25 2025

پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙي تي به مني لانڊرنگ جو الزام

ڪراچي( چيف رپورٽر   سنڌ سماءَچار) اڳوڻي صدر آصف زرداري سميت پ پ جي مختلف اڳواڻن تي مني لانڊرنگ جي الزام کانپوءِ پيپلزپارٽي سنڌ جو صدر ۽ وڏي وزير جو صلاحڪار نثار کهڙو به مني لانڊرنگ جي الزمن هيٺ اچي ويو آهي، نثار کهڙي سنڌ هاءِ ڪورٽ مان گرفتاري کان اڳ حفاظتي ضمانت ڪرائي ورتي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ مني لانڊرنگ جي الزامن واري ڪيس ۾ نثار کهڙُ جي عارضي ضمانت ۾ 17 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي. پ پ سبڌ جي صدر نثار کهڙي ضمانت واري درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته، نيب طرفان خوراڪ کاتي جي اڳوڻي وزير جي حيثيت سان نوٽيس اُماڻيو ويو آهي، نيب آڏو پيش ٿيڻ گهران ٿو، پر ڀئو آهي ته گرفتار ڪيو ويندو، عدالت نثار کهڙو جي عبوري ضمانت منظور ڪرڻ بعد درخواستن جون نقل ڪاپيز نيب پراسيڪيوٽر کي مهيا ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

http://www.sindhsamaachar.com/ur/%d9%84%d9%85%d8%b3-%da%84%d8%a7%d9%85%d8%b4%d9%88%d8%b1%d9%88-%d8%ac%d9%8a-%d9%be%d8%b1%d9%88-%d9%88%d9%8a-%d8%b3%d9%8a-%d9%8a%d9%88%d9%86%d9%8a%d9%88%d8%b1%d8%b3%d9%bd%d9%8a-%db%be-%d8%a8%d8%a7%d8%af/

About Asghar Azad

Check Also

ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڏنل زمينن الاٽمينٽ رد ڪيو: زين شاهه

 هن چيو ته اسان پنهنجا ڳوٺ، شهر۽ زرخيز زمينون ويران ۽ بنجر ٿيندي ڏسڻ نه …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *