Saturday , April 26 2025

”پيپلزپارٽي ڪا جنازا هئ، ذرا ڌوم سي نڪلي“: سينيئر وڪيل ڪامريڊ شبير شر

” پيپلزپارٽي وارن جيڪا ڪوڙي، جعلي ۽ نقلي پريس ڪانفرنس ڪئي، اڄ هي ان تي عوام جوهنن ۽ ڪئنالن خلاف ردِعمل آهي، هڪ ڪوڙي پروپئگنڊا ڪئي، ان کانپوءِ هنن روشني جا  گولا فائر ڪيا، چراغان ڪيا، جشن ملهايو، عوام کي بيوقوف بڻائڻ لاءِ، نوٽيفڪيشن (ڪئنالن ۽ گرين انيشيٽو پروگرام بابت) صدر آصف زرداري پاڻ ڪڍي چڪو آهي، اهو نوٽيفڪيشن هن واپس وٺڻ گهرجي ها، عوام ان نوٽيفڪيشن کي رد ڪري چڪو آهي: سينيئر وڪيل ڪامريڊ شبير شر“

سکر/ٻٻرلوءِ( خاص نمائندوسنڌسماءَچار) ”پيپلزپارٽي ڪا جنازا هئ، ذرا ڌوم سي نڪلي“، (پيپلزپارٽي جو جنازو آهي ڌوم ڌام سان نڪري)، اهو چوڻ آهي، سپريم ڪورٽ جي سينيئر وڪيل ڪامريڊ شبير شر جو. گذريل ڏينهن ٻٻرلوءِ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪامريڊ شبير شر چيو ته، ” پيپلزپارٽي وارن جيڪا ڪوڙي، جعلي ۽ نقلي پريس ڪانفرنس ڪئي، اڄ هي ان تي عوام جوهنن ۽ ڪئنالن خلاف ردِعمل آهي، هڪ ڪوڙي پروپئگنڊا ڪئي، ان کانپوءِ هنن روشني جا  گولا فائر ڪيا، چراغان ڪيا، جشن ملهايو، عوام کي بيوقوف بڻائڻ لاءِ، نوٽيفڪيشن (ڪئنالن ۽ گرين انيشيٽو پروگرام بابت) صدر آصف زرداري پاڻ ڪڍي چڪو آهي، اهو نوٽيفڪيشن هن واپس وٺڻ گهرجي ها، عوام ان نوٽيفڪيشن کي رد ڪري چڪو آهي“، ڪامريڊ شبير شر جو ڇوڻ هو ته، ”هن وقت اسان چئون ٿا ته، تاريخ ته اسان جو (وڪيلن جو) منشي به وڃي وٺي ايندوآهي؛ هيڏي ساري پارٽي، پيپلزپارٽي جو چيئرمين ويو ۽ وڃي تاريخ وٺي آيو ته سي سي آءِ (ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ/ گڏيل مفادن واري ڪائونسل) جو اجلاس ٿيندو!، اها ته منشگيري ٿي، هي ته منشگيري ٿو ڪري، اها اڳواڻي ته نه ٿي، اها ته منشگيري ٿي. اڄ اهو ماڻهن جو ري_ايڪشن آهي، عوام اوهان جي هن جلسي کي ( پ پ جو سکر وارو جلسو) رد ڪري ڇڏيو آهي، عوام جو فيصلو آهي”، شبير شر جو چوڻ هو ته، ” اڄ هنن اسان جي ماڻهن تي اڪثر هنڌن تي حملا ڪيا آهن، هنن سان گارڊس گڏ آهن، انهن وڪيلن تي فائرنگ ڪئي آهي، تازو هاڻي ڪراچي بار جي وڪيل تي حملو ڪيو آهي جنهن ۾ هُو زخمي ٿيو آهي، اهو اسپتال ۾ داخل آهي، هنن ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ماڻهو ڪٿي به خوزده ناهن ٿيا، ماڻهو ته اڄ ڌرڻي ۾ وڌيڪ آهن، ماڻهو مئنڊيٽ ڏيڻ هتي پهتو آهي، هنن کي رد ڪرڻ آيو آهي، جيڪڏهن اوهان عوام جي خلاف ويندئو ته ائين ئي عوام اوهان کي رد ڪري ڇڏيو آهي، عوام پيپلزپارٽي جي جگادري فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو آهي، هنن جگادرين جو جگادري فيصلو مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي هنن جا اهڙا ڊراما نه هلندا، عوام سڀ ڪجهه سمجهي چڪو آهي“.

پيپلزپارٽي وزيراعظم کان ڪئنال رد ڪرڻ جو مطالبو ئي نه ڪيو

About admin

Check Also

پيپلزپارٽي جو25 اپريل وارو جلسو خطري ۾، پيپلزپارٽي پريشان

راڻا ثناءُ الله ۽ شرجيل ميمڻ وچ ۾ فون تي ٻه ڀيرا رابطا ضرور ٿيا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *