پيپلزپارٽي ڪئنالن وارو منصوبو رد ڪرائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرائڻ ۾ ناڪام
“پاڪستان پيپلزپارٽي وزيراعظم شهباز شريف کان سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ وارو منصوبو رد ڪرڻ جو مطالبو ئي نه ڪيو، بلاول ۽ وڏي وزير هن معاملي تي سي سي آءِ جو اجلاس سڏائڻ جي گهر ڪئي، وزيراعظم شهباز شريف سنڌو تي نوان ڪئنال اڏڻ وارو معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل جِي منظوري سان مشروط ڪندي سي سي آءِ جو اجلاس سڏائي ورتو”.
اسلام آباد (خاص نمائندو سنڌسماءَچار) “پاڪستان پيپلزپارٽي وزيراعظم شهباز شريف کان سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ وارو منصوبو رد ڪرڻ جو مطالبو ئي نه ڪيو، بلاول ۽ وڏي وزير هن معاملي تي سي سي آءِ جو اجلاس سڏائڻ جي گهر ڪئي، وزيراعظم شهباز شريف سنڌو تي نوان ڪئنال اڏڻ وارو معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل جِي منظوري سان مشروط ڪندي سي سي آءِ جو اجلاس سڏائي ورتو”.پيپلزپارٽي ڪئنالن واري معاملي تي وزيراعظم پاران سي سي آءِ جو اجلاس سڏائڻ تي پيپلزپارٽي راضي ٿي وئي. وزيراعظم شهباز شريف سان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وفد سان گڏ ملاقات ڪئي، وڏو وزير مراد علي شاهه، راجا پرويز اشرف، شازيا عطا مري ۽ نديم افضل چن به ملاقات ۾ موجود هئا. وزيراعظم ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي ملاقات بابت سنڌسماءَچار کي اعتماد جوڳن ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق، بلاول ڀٽو، وزيراعظم کي سنڌو درياءَ مان ڇهه نوان ڪئنال ڪڍڻ وارو منصوبو رد ڪري ان جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرائڻ واري معاملي تي ڳالهه ٻولهه ئي نه، بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه جو سمورو زور ان ڳاله تي رهيو ته، گڏيل مفادن واري ڪائونسل / سي سي آءِ جو اجلاس سڏائي ڪئنالن وارو معاملو ان ۾ رکيو وڃي، جيڪڏهن سي سي آءِ منظوري ڏئي ته اعتراض ناهي، جيڪڏهن منظوري نه ڏئي ته ڪئنال نه ٺاهيا وڃن”.
ذريعين جي دعويٰ مطابق، “پاڪستان پيپلزپارٽي وزيراعظم شهباز شريف کان سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ وارو منصوبو رد ڪرڻ جو مطالبو ئي نه ڪيو، بلاول ۽ وڏي وزير هن معاملي تي سي سي آءِ جو اجلاس سڏائڻ جي گهر ڪئي، وزيراعظم شهباز شريف سنڌو تي نوان ڪئنال اڏڻ وارو معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل جِي منظوري سان مشروط ڪندي 2 مئي تي سي سي آءِ جو اجلاس سڏائي ڪئنالن واري معجاملي تي غور ڪرڻ جي خاطري ڪرائي”. ذريعن موجب “خدشو اهو به آهي ته ڪو نه ڪو بهانو ڪري سي سي آءِ جو اجلاس ملتوي ڪيو ويندو، يا وري پنجاب جي مخالفت تي سي سي آءِ جي ان اجلاس جي ڪئنالن واري ايجنڊا ٻئي اجلاس ۾ غور لاءِ ملتوي ڪئي ويندي”.
ذريعن موجب وزيراعظم سان ملاقات دوران بلاول ڀٽو زرداري سنڌو درياءَ مان 6 تڪراري ڪئنال ڪڍڻ واري معاملي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ مسئلو حل ڪرڻ جو چيو. ذريعن موجب “بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم سان ملاقات دوران ڪئنالن وارو منصوبو رد ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ وارو مطالبو ئي نه ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه، وزيراعظم کي ڪئنالن واري معاملي تي سنڌ ۾ جاري احتجاجن ۽ ان کانپوءِ واري صورتحال جو ذڪر ڪيو”، ذريعن جو چوڻ آهي ته، “پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير، وزيراعظم کي چيو ته سنڌو درياءَ مان ڇهه نوان ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي کي گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ پيش ڪيو وڃي، ان لاءِ سي سي آءِ جو اجلاس فوري طور سڏايو وڃي ۽ ان ۾ ڪئنالن واري منصوبي تي اتفاق راءِ سان فيصلو ڪيو وڃي، جنهن تي وزيراعظ۾ سي سي آءِ جو اجلاس ٻه مئي تي سڏائڻ اعلان ڪيو”.
وزيراعظم شهباز شريف ۽ پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ڪئنالز معاملي تي ملاقات کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته، وزيراعظم چيو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ اتفاق راءِ کانسواءِ وڌيڪ ڪو به نئون ڪئنال نه ٺهندو، سي سي آءِ جِي گڏجاڻي 2 مئي تي ٿيندي، وفاق ۽ صوبن وچ ۾ مسئلا نيڪ نيتي سان حل ڪنداسين، صوبن وچ ۾ اتفاق راءِ کانسواءِ ڪو به فيصلو نه ٿيندو، صوبن جي اعتراض سبب ڪالاباغ ڊيم نه ٺهيو، پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وزيراعظم ڪئنالن تي اسان جا اعتراض ٻڌا، گڏيل رضامندي کانسواءِ ڪو به ڪئنال نه ٺهندو، اسان ڪو فيصلو نه پيا ڪيون، اهو طئي ڪيو آهي ته اتفاق راءِ کانسواءِ ڪو ڪئنال نه ٺهندو.