Saturday , June 14 2025
Breaking News

يحيٰ سنوار حماس جو نئون سربراهه مقرر

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ سنڌسماءَچار) ايران ۾ حملي ۾ شهيد ٿي ويل حماس سربراهه اسماعيل هنيه جي جاءِ تي يحيٰ کي نئون سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي. حماس جي سينيئر اڳواڻن پنهنجي فيصلي ۾ حماس اسماعيل هنيه جي جاءِ تي يحيٰ سنوار کي پنهنجو نئون اڳواڻ مقرر ڪري ڇڏيو آهي. عالمي خابرو اداري رائٽرزپنهنجي خبر ۾ چيو آهي ته حماس جاري ڪيل پنهنجي هڪ مختصر بيان ۾ چيو آهي ته اسلامي مزاحمتي تحريڪ حماس ڪمانڊر يحيٰ سنور کي تحريڪ جي سياسي بيورو جو سربراهه چونڊيو آهي. حماس بيان ۾ وڌيڪ چيو آهي ته الله يحيٰ سنوار کي شهيد ڪمانڊر اسماعيل هنيه جي جانشين طور محفوظ رکي. حماس جي بنيادي تنظيمي ڍانچي جي مطابق، پنجاهه ميمبرن تي مشتمل هڪ شوري، جنهن ۾ پولٽ بيورو جا ميمبر شامل آهن، نئين سر کي چونڊيندا آهن.

About admin

Check Also

اسپين ويندڙ غيرقانوني پرڏيهين جي ٻيڙي اونڌي، 50 ماڻهو ٻڏي مري ويا

اسپين ويندڙ غيرقانوني پرڏيهين جي ٻيڙي اونڌي، 44پاڪستانين سميت 50 ماڻهو ٻڏي مري ويا ڪراچي( …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *