Sunday , June 15 2025
Breaking News

وڏي گهر جيڏو خلائي پٿر اسان جي ڌرتيءَ جي ويجهو گذرڻ وارو آهي

هڪ وڏي گهر جيڏو خلائي پٿر اڄ اسان جي ڌرتيءَ جي ويجهو گذرڻ وارو آهي ۽ سائنسدانن ان منظر جو مشاهدو ڪرڻ لاءِ سموريون تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن. آمريڪي خلائي اداري ناسا جي سائنسدانن چوڻ آهي ته خلائي پٿر اڄ ڌرتيءَ کان 26 هزار ميلن جي فاصلي وٽان گذرندو. ڪيليفورنيا ۾ ڌرتيءَ کي ويجهن خلائي وجودن جي اڀياس لاءِ ناسا پاران قائم ڪيل سينٽر جي مئنيجر پال ڪوڊاس جو چوڻ آهي ته خلائي پٿر جي ڌرتيءَ جي ويجهو گذرڻ واري عمل جو مشاهدو ڪرڻ سان اسان کي خلائي پٿرن بابت پنهنجي وارننگ سسٽم کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جو  موقعو ملندو. هن چيو ته اڄ ڌرتيءَ جي ويجهو گذرندڙ ايسٽروئيڊ يعني خلائي پٿر جا ڌرتيءَ تي ڪي به ناڪاري اثر پوڻ جا امڪان نه آهن.

خلائي ماهرن موجب ٽي سي فور نالي اهو خلائي پٿر پهريون ڀيرو 5 سال اڳ ڏٺو ويو هو. ان پٿر جي سائيز 50 کان هڪ سئو فوٽ تائين آهي ۽ ان جي ڌرتيءَ ڀرسان گذرڻ واري عمل مان انسان کي ڪو به خدشو يا خطرو درپيش نه آهي. پال ڪوڊاس جو چوڻ آهي ته سڀاڻي خلائي پٿر جي اڀياس سان اهو سمجهڻ ۾ به مدد ملندي ته ڪنهن خلائي پٿر جي ڌرتيءَ سان ٽڪرائجڻ جي صورت ۾ ان جي اڳواٽ آگاهي توڙي حفاظتي انتظام ڪيئن ڪرڻ گهرجن.

About Asghar Azad

Check Also

اسپين ويندڙ غيرقانوني پرڏيهين جي ٻيڙي اونڌي، 50 ماڻهو ٻڏي مري ويا

اسپين ويندڙ غيرقانوني پرڏيهين جي ٻيڙي اونڌي، 44پاڪستانين سميت 50 ماڻهو ٻڏي مري ويا ڪراچي( …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *