Sunday , June 15 2025
Breaking News

وي سي ۽ پروفيسر پاران هيسايل فرزانا جمالي موتمار ڌمڪين جي شڪايت ڪئي هئي

نواب شاهه( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) نوابشاهه ۾ ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل زوهيب جمالي جي ڀيڻ ۽ شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي وي سي ۽ پروفيسر پاران مبينا طور هيسايل شاگردياڻي فرزانا جمالي اڳ ۾ موتمار ڌمڪين بابت دانهون ڪندي رهي آهي. فرزانا جمالي مختلف وقتن تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ۽ لاڳاپيل اختيارين وٽ بيان رڪارڊ ڪرائڻ دوران ان ڳالهه جو ذڪر ڪندي رهي آهي ته کيس هيسائڻ وارو  معاملو ميڊيا تي اچڻ کانپوءِ وي سي ارشد سليم ۽ پروفيسرعامر خٽڪ سميت سندن بااثر سهڪولتڪارن پاران کيس ۽ خاندان وارن کي موتمار ڌمڪيون ملي رهيون آهن. هن انهن ڌمڪين جو حوالو ڏيندي تحفظ ڏيڻ جو به مطالبو ڪيو هو.

About Asghar Azad

Check Also

ڪئنال منصوبو مڪمل رد نه ٿيو، ”گڏيل اتفاق راءِ“ جي ٻه واٽي تي ٽَنگِيَل رهندو

ڪئنال منصوبو مڪمل رد نه ٿيو، ”گڏيل اتفاق راءِ“ جي ٻه واٽي تي ٽَنگِيَل رهندو، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *