Sunday , June 15 2025
Breaking News

وفاقي حڪومت پاران اپوزيشن سان گڏ ويهڻ جي خواهش

اسلام آباد ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) وفاقي حڪومت مخالف ڌر سان گڏجي ويهي معاملا حل ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪري ڇڏيو، اپوزيشن پاران انڪار تي پريشان. سُڌسماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته، اسان اپوزيشن سان گڏ ويهڻ جي لاءِ تيار آهيون پر اپوزيشن وارا اسان سان گڏجي ويهڻ لاءِ تيار ئي ناهن، اسلام آباد ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ فواد چوڌري چيو ته،اٽيٽ بئنڪ بابت جلد ٻيهر قانوسازي ڪري بل سينيٽ مان به منظور ڪرايو ويندو، اسان جي خواهش آهي ته سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي مختلف ڪميٽين ۾ جا چيئرمين ۽ ميمبر اهڙا هجن جن جي مقرري سان مفادن جو ٽڪراءَ نه ٿئي، اهڙا ميمبر ڪنهن به اهڙي ڪميٽي ۾ نه هجن جيڪي ان ڪميٽيءَ واري شعبي سان ڪنهن به صورت ۾ لاڳاپيل هجن. انفارميشن ٽيڪنالوجي ۽ ڪميونيڪيشن وارين ڪميٽين ۾ اهڙا ماڻهو اچن ٿا جن جو پنهنجو ڪم به انهن شعبن ۾ آهي.

About Asghar Azad

Check Also

ڪئنال منصوبو مڪمل رد نه ٿيو، ”گڏيل اتفاق راءِ“ جي ٻه واٽي تي ٽَنگِيَل رهندو

ڪئنال منصوبو مڪمل رد نه ٿيو، ”گڏيل اتفاق راءِ“ جي ٻه واٽي تي ٽَنگِيَل رهندو، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *