Friday , April 25 2025

هاڻي وڏين مَڇِين خلاف ڪارروائي ٿيندي: نيب چيئرمين جاويد اقبال

اسلام آباد(رپورٽر    سنڌسماءَچار) نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو آهي ته، هاڻي ميگا ڪرپشن ۾ ملوث وڏين مڇين خلاف به ڪارروائي ڪئي ويندي، ڪاروراين دوران ڪنهن به قسم جي متڀيد وارو رويو نه پيو رکيو وڃي ۽ نه ئي اهڙي ڳالهه برداشت ڪنداسين. نيب چيئرمين جي صدارت ۾ نيب هيڊڪوارٽرز ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ نيب جِي ڪرپشن ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ جوڙيل پاليسي جو جائزو ورتو ويو. اجلاس دوران ڳالهائيندي نيب چيئرمين چيو ته نيب جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪنهن به امتيازي پاليسي تي يقين نه ٿو رکي، بنا فرق، پڪن ثبوتن ۽ قانون موجب جوابدارن جي گرفتاري عمل ۾ آندي ويندي آهي. جاويد اقبال چيو ته نيب ڪرپشن ۾ گرفتاري وقت مختلف قانوني رخن جو جائزو وٺڻ بعد جوابدار کي گرفتار ڪيو ويندو آهي، ريمانڊ بعد سائنسي بنيادن تي پڪن ثبوتن ۽ قانون موجب جاچ ڪئي ويندي آهي. نيب چيئرمين چيو ته نيب گهٽ قم وارن ڪيسن تي پنهنجي توانائي استعمال ڪرڻ بدران ميگا اسڪينڊلز جي جاچ کي ترجيح ڏئي رهيو آهي، جنهن موجب مبينا طور تي ملوث وڏين مَڇُين تي قانون موجب هٿ وڌو ويندو. نيب بلوچستان جي اڳوڻي چيف سيڪريٽري مشتاق رئيساڻي ۽ ناڻي بابت صلاحڪار خالد لانگو جِي ضمانت واري فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪرڻ جو به اعلان ڪيو آهي. بلوچستان هاءِ ڪورٽ ٻنهي جوابدارن جي ضمانت منظور ڪئي هئي.

About Asghar Azad

Check Also

صدر آصف زرداري جي طبيعت خراب، نجي اسپتال داخل، دبئي منتقل ڪرڻ جو امڪان، اسپتال جي سيڪيورٽي سخت

آصف زرداريءَ کي دبئي منتقل ڪرڻ بابت خانداني فردن حتمي فيصلو ناهي ڪيو، پر آصف …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *