Sunday , June 15 2025
Breaking News

نيب سنڌ ۾ اڪثر وزيرن ۽ ايم پي ايز خلاف ڪرپشن جي جاچ بند ڪري ڇڏي

ڪراچي(رپورٽر سنڌسماءَچار) نيب سنڌ حڪومت جي موجودهه ، اڳوڻن وزيرن ۽ ايم پي ايز خلاف اربين رپين جي ڪرپشن جا فائل بند ڪري ڇڏيا آهن، نيب جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ثبوت نه هجڻ سبب ڪجهه وزيرن جي خلاف ڪيس ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. نيب ذريعن مطابق سنڌ جي گهرو وزير سهيل انور سيال ۽ قانون جي وزير ضياءَ لنجار خلاف هلندڙ جاچ بند ڪئي وئي. اطلاعن مطابق ايم اين اي فريال ٽالپر جي مڙس مير منور ٽالپر، اويس مظفر ، علي مردان شاهه، اڪرام الله ڌاريجو ۽ ٻين جي خلاف به جاچ بند ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو آهي. نيب ذريعن مطابق تعليم جي اڳوڻي وزير پير مظهر الحق جي خلاف به جاچ بند ڪئي وئي آهي.هن تي 13 هزار غير قانوني ملازم ڀرتي ڪرڻ ۽ 5 ارب رپين جي ڪرپشن جا الزام هئا. نيب جي ذريعن ڄاڻايو ته ثبوت نه ملڻ تي ڪجهه وزيرن جي خلاف ڪيسز جي جاچ بند ڪئي وئي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

ڀارت پئسا ڏئي ڪالاباغ ڊيم کي تڪراري بڻايو: چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني

اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني حڪومت کي هڪ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *