Sunday , June 15 2025
Breaking News

نواز شريف 30 سالن کان اسٽبلشمينٽ جي ڪلهي تي سياست ڪئي: آصف زرداري

لاهور ( سنڌسماءَچار    مانيٽرنگ ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته نواز شريف 30 سال اسٽيبلشمينٽ جي ڪلهي تي سياست ڪئي، ڪجهه ماڻهن اقتدار جي لالچ ۾ ملڪي سلامتي کي داءُ تي لڳايو آهي. لاهور ۾ پ پ جي افطار پارٽي تقريب کي خطاب ڪندي آصف زرداري چيو ته سزا ڏيارڻ سندن مقصد نه آهي، ماڻهن کي غلطيون ياد ڏياري معاف ڪرڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته ڪيترائي ماڻهو تڪليف آهن، پهرين ملڪ ۽ ڌرتي آهن، جتي قبر هجي ٿي اها جاءِ اهميت رکي ٿي، بدقسمي سان اهي ماڻهو طاقت جي نشي ۾ اڄ ڌرتي جو به ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن. آصف زرداري چيو ته پهرين به شهيد ڀٽو جو ريفرنس سپريم ڪورٽ موڪليو، جيڪو اڃا تائين پينڊنگ ۾ آهي. اڳوڻي صدر جو چوڻ هو ته نواز شريف 30 سالن کان اسٽيبلشمينٽ جي ڪلهي تي سياست ڪري رهيو آهي. نواز شريف کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته پهرين هو پنهنجي دڪان بابت ٻڌائي ته اها هن ڪٿان ٺاهي، پاڪستان ۾ سندس بزرگ ڇا کڻي آيا هئا ۽ هاڻي اوهان ڇا آهيو.

About Asghar Azad

Check Also

ڪئنال منصوبو مڪمل رد نه ٿيو، ”گڏيل اتفاق راءِ“ جي ٻه واٽي تي ٽَنگِيَل رهندو

ڪئنال منصوبو مڪمل رد نه ٿيو، ”گڏيل اتفاق راءِ“ جي ٻه واٽي تي ٽَنگِيَل رهندو، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *