Sunday , June 15 2025
Breaking News

ناليوارو شاعر ۽ ليکڪ اختر درٻيلائي دل جي تڪليف سبب بستري ڀيڙو،شهرين پاران چندو گڏ ڪرڻ جي مهم شروع

نوشهروفيروز ( سنڌ سماءَ چار مانيٽرنگ ڊيسڪ) ناليوارو شاعر، صحافي ۽ ليکڪ اختر درٻيلائي دل جي بيماري سبب بستري ڀيڙو ٿي ويو آهي، سندس علاج لاءِ سنڌ سرڪار ڪو به نوٽيس ناهي ورتو. سول سوسائٽي ۽ شهرين اختر درٻيلائي کي ريڙهي تي کڻي سندس علاج لاءِ چندو گڏ ڪرڻ جي مهم شروع ڪري ڇڏي آهي. ٺاروشاهه ۾ صحافي ۽ اديب اختر درٻيلائي دل جي بيماري سبب بستري ڀيڙو آهي. سول سوسائٽي شهرين پاران حڳڪومت کان مطالبي باوجود سڌ سرڪار ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو. اختر درٻيلائي جي علاج لاءِ درٻيلو ۾ سياسي ۽ سماجي اڳواڻن  شاهد سولنگي، بابو اسلم ميرجت ۽ ٻين شهر ۾ اديب اختر درٻيلائي کي ريڙهي تي کڻي علاج لاءِ چندو  گڏ ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌ حڪومت جي بيحسي سبب هي قدم کنيو آهي. هنن چيو ته اسان ڪيترائي ڀيرا احتجاج ڪيو پر ثقافت کاتي پاران ڪا به مالي مدد نه ڪئي وئي، جنهن سبب اڄ مجبور ٿي هن جي علاج لاءِ شهر ۾ خيرات وٺي رهيا آهيون. سنڌ حڪومت کي اپيل ڪئي ته شاعر اختر درٻيلائي جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

ڀارت پئسا ڏئي ڪالاباغ ڊيم کي تڪراري بڻايو: چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني

اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني حڪومت کي هڪ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *