Friday , April 25 2025

ميهڙ ۾ اڄ اُمِ رباب چانڊيو جي اڳواڻي ۾ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويندو

ميهڙ (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) ميهڙ ۾ ڪجهه مهينا اڳ گهر آڏو بيدردي سان قتل ڪيل ڪرم الله چانڊيو سميت ٽن ڄڻن جي قتل جا مک جوابدار ۽ ايف آءِ آر ۾ نامزد ڪيل سمورا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف اڄ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويندو. ڌرڻي هڻڻ جون سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. يو سي ٻليدائي جي چيئرمين ڪرم الله چانڊيو ۽ سندس ٻن پٽن جي قتل جا سمورا جوابدار گرفتار ڪرڻ لاءِ اُمِ رباب چانڊيو پاران سنڌ حڪومت کي هڪ هفتي واري ڏنل مهلت ڇنڇر تي ختم ٿي وئي آهي. ام رباب پاران اعلانيل ڌرڻو سندس اڳواڻي ۾ آچر ڏينهن انڊس هاءِ وي تي هنيون ويندو. ڌرڻي جي لاءِ سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهي. ڌرڻي ۾ ميهڙ، دادو ۽ ڀرپاسي جي ماڻهن کانسواءِ مختلف علائقن مان سول سوسائٽي، مختلف سياسي پارٽين جا ڪارڪن ۽ سماجي تنظيمن جا ڪارڪن به ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندا.

About Asghar Azad

Check Also

پنجاب جا رستا مڪمل بند رهندا، ڪمون شهيد ۽ ڊيرا موڙ تي به ڌرڻن جو اعلان

وڪيلن ڪئنالن خلاف تحريڪ جو دائرو وڌائي ڇڏيو، پنجاب جي روڊ رستي رسد بند ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *